سکر: انگن اکرن مطابق 2960 ٻارن سان جنسي زيادتي ڪندڙ فردن جو تعلق مختلف پيشن ۽ شعبن سان آهي، سماجي تنظيم طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڄاڻايل واقعن ۾ 1579 جوابدار اُهي هُئا جن کي زيادتيءَ جو نشانو بڻيل ٻار پهرين سڃاڻندا هُيا، جڏهن ته ٻين واقعن ۾ پاڙي وارا، ويجهي رشتي وارا، پيشه ور عورتون، مٽ مائٽ، پوليس، اُستاد، مولوي، ڊاڪٽر ۽ ٻيا شامل آهن، جن طرفان ننڍي عمر جي ٻارڙن کي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو. جڏھن ته جنسي زيادتي ۽ تشدد جا واقعا جن جڳهن، جاين ۾ ٿيا، اُنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس واقف ڪار جڳهه تي 772، ٻي نمبر تي متاثر ٻارن جي پنهنجي گهر ۾ 310 ۽ مختلف جاين جهڙوڪ زمين تي حويلي، هوٽل، گھٽي، ھاسٽل، مارڪيٽ، مسجد، پلاٽ، پوليس اسٽيشن ، اسڪول، دڪان، ۽ ڪم وارين جاين ٻارڙن سان جنسي زيادتين وارا واقعا پيش آيا.