زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي جا ڊي اين اي جزا نه وٺڻ بابت سوال، پوليس سرجن صحافي کان فون کسي ورتي

0
161
زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي جا ڊي اين اي جزا نه وٺڻ بابت سوال، پوليس سرجن صحافي کان فون کسي ورتي
زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي جا ڊي اين اي جزا نه وٺڻ بابت سوال، پوليس سرجن صحافي کان فون کسي ورتي

جيڪب آباد ۾ مبينا زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي حسينه کوسو جا ڊي اين اي جزا نه وٺڻ جي الزام هيٺ آيل پوليس سرجن سوال ڪرڻ تي ٽائيم نيوز جي رپورٽر کان فون کسي ورتي

پوليس سرجن ڊاڪٽر صبغت الله تي مقتول ٻارڙيءَ جي ڊي اين اي چڪاس لاءِ جزا نه وٺڻ جا الزام آهن

ڊاڪٽر صبغت الله سومرو چيو ته معاملو عدالت ۾ آهي ان تي ڳالهائي نه ٿو سگهان

مقتول ٻارڙيءَ جي والدين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرز جي غفلت سبب ڌيءُ جو خون لڙهڻ جو خدشو آهي

واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جي ميمبر ڊي ايس پي منير احمد ڦلپوٽو چيو آهي ته ٻارڙيءَ جا ڊي اين اي جزا نه وٺڻ سبب جاچ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جي آءِ ٽي ميمبر عدالت ۾ درخواست به داخل ڪرائي ڇڏي