زوب/ ڪوئيٽا (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ زوب جي علائقي سمبازه ۾ آپريشن ڪري 15 خارجي دهشتگرد ماري ڇڏيا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ سپاهي پڻ شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، خوارج جي ٺڪاڻن کي موثرطريقي سان نشانو بڻايو ويو. ان دوران  15 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار۽ بارود هٿ ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته شديد فائرنگ سبب 32 سالن جو مانسهره واسي سپاهي عارف الرحمان بهادري سان وڙهندي شهادت جو جام پيتو. سيڪيورٽي فورسز طرفان علائقي ۾ موجود خارجي دهشتگردن کي بي اثر ڪرڻ لاءِ آپريشن جو سلسلو جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر جوانن جون قربانيون ان عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿيون.