”زندگي ڪيڏي خوبصورت آھي” ھڪ اھڙي سٽ جيڪا زندگي کي ڪيئي معنائون ڏئي ٿي. ھنن معنائن کي سمجھڻ وارا ئي اصل ۾ زندگي مان ڀرپور لاڀ کڻن ٿا ۽ اڳتي وڌن ٿا. افسوسناڪ پھلو وري ھي به آھي ته زندگي ڪيڏي خوبصورت آھي جي ڳر کي يعني “زندگي کي ڪيئن گذارجي ۽ لاڀ پرائجي” جي، اسان جي اڪثريتي آبادي پرواھ ئي نٿي ڪري ۽، ان جو مکيه سبب وري ھي به آھي ته اسان وٽ زندگي کي سھڻي نموني سان گذارڻ جي لاءِ ڪي به بھتر مثال نه قائم ڪيا ويا آھن نه قائم ڪرڻ جي روايت وغيره ئي نظر اچي ٿي. خاص طور تي اسي واري ڏھاڪي بعد ته ھن روايت جو ڄڻ ڪال پئجي ويو آھي. اسي واري ڏھاڪي کان اڳ سنڌ ۾، زندگي جي ھر شعبي ۽ کيتر ۾ اھڙن مھان ماڻھن جي گھٽتائي ڪونه ھئي جيڪي پنھنجي پنھنجي شعبي ۽ کيتر ۾ ھڪ وڏو نالو رکندڙ ھئا ۽ اسان جھڙن نوجوانن جي لاءِ ھڪ مثالي ڪردار بڻيل ھئا. سياست، ادب، علم، فنونِ لطيفه، آرٽ مطلب ته ھر کيتر ۾ توھان کي ڪو نه ڪو اھڙو ماڻھو نظر اچي ويندو ھو جيڪو حقيقت ۾ ان وقت جي نوجوانن جي لاءِ وڏي اتساھ جو ڪارڻ بڻيل ھوندو ھو. ھاڻي اسان وٽ ماحول ڪجھ اھڙو جڙجي ويو آھي جو ماڻھو پراميد يا زندگي جو روشن پاسو ڏسندڙ (آپٽيمسٽ) گھٽ پر، مايوس يا نااميد يعني زندگي جو اونداھو پاسو ڏسندڙ (پيسيمسٽ) واري بخار ۾ وڌيڪ ورتل آھن. ان جو وڏو ڪارڻ شايد ھي آھي ته زندگي جي ھر شعبي، ھر حڪومت ۽ ھر اداري پنھنجي پنھنجي ساک “پنھنجا نوازي” ۽ “بدعنواني” جي ڪري وڃائي ڇڏي آھي. جيتوڻيڪ ساک بحال ڪرڻ ڪو ايڏو وڏو ڏکيو ڪم به ناھي. زندگي جي ھر کيتر ۾ “اھليت ۽ قابليت” کي ترجيح ڏني وڃي ته ساک جو واپس ٿيڻ جيڪڏھن سئو سيڪڙو نه به ٿئي تڏھن به گھٽ ۾ گھٽ اسي نوي سيڪڙو ته ممڪن بڻجي سگھي ٿو. ھي به حقيقت آھي ته ماڻھن يا معاشرن ۾ جڏھن مايوسيون پنھنجي انتهائي شڪل يعني نراسائين ۾ تبديل ٿي وڃن ته اھڙي نفسيات جو علاج ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو ڪم بڻجي وڃي ٿو. مايوسيون فرد واحد لاءِ چڱيون آھن نه وري معاشري جي لاءِ بھتري آڻيندڙ ھجن ٿيون. اسان سڀ پنھنجي پنھنجي حال، سرگرمين ۽ مختلف وقتن تي کنيل پنھنجن فيصلن جو جڏھن گھرائي سان ڇيد ڪريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي سوين مسئلن جو ڪو ٻيو ذميوار نه پر اھي اسين پاڻ ئي آھيون جيڪي پنھنجي پنھنجي غلطين جو بار پنھنجن ڪلھن تي کنيو گھمندا وتون ٿا.
سنڌي ۾ چوڻي مشھور آھي: “پنھنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب”. ھن چوڻي جي سورنھن آنا سمجھاڻي ۽ بيان ٻڌائي ٿو ته زندگي ۾ اسان جيڪي به ڌڪ کاڌا آھن، جيڪي به ٿاٻا آيا آھن ۽ جيڪي به ناڪاميون پلئه پيون آھن انھن سڀني جي ذميواري اسان تي ئي عائد ٿئي ٿي. دنيا ۾ ڪجھ ڪم اھڙا ضرور آھن جيڪي ڪرڻ ۾ گھڻا سولا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ تمام گھڻو ڏکيو ڪم بڻجي وڃي ٿو. جھڙوڪ: ٻين کي نصيحتون ڪرڻ، الزام ھڻڻ ۽ تھمتن جا تير وسائڻ. ھر انسان جي زندگي ۾ اھڙن ماڻھن جي گھٽتائي بلڪل به ناھي ھوندي جيڪي صحيح واٽون ڏَسڻ جي لاءِ اسان سڀني جي رھنمائي ڪندا رھندا ھئا ۽ آھن. پر ھن ڳالھ جو اعتراف به ڪرڻ گھرجي ته جڏھن انھن سياڻن ماڻھن بشمول سٺن دوستن، ھمدردن ساٿين ۽ استادن صحيح دڳ سان لائڻ جي ڪن ٿا ته اسان انھن تي ڌيان ئي نٿا ڏيون. ٻار ته بي پرواھ ٿيندا ئي آھن ۽ انھن تي ڪا ميار به نٿي ڏئي سگھجي پر نوجوان جن جون عمريون سورنھن سالن کان مٿي آھن اھي جڏھن غلطيون ڪن ته پوءِ ڪنھن کي ميار ڏجي. ياد رکڻ گھرجي: موجوده وقت جون ڪن لاٽارون يعني غلطيون بعد واري وقتن ۾، ھڪ وڏي ڦٽڪار (سزا) بڻجي وڃن ٿيون. ڇاڪاڻ جو ڪجھ غلطيون اھڙيون ھونديون آھن جن جو تدارڪ ڪرڻ ممڪن ئي ناھي ھوندو. اسان سڀني کي زندگي جي ھن اھم سبق کي سمجھڻو ئي پوندو ته: زندگي پاڻ سان گڏ سک ناھي آڻيندي سواءِ ھن ھڪ سھڻي وک جي ته اھا توھان کي اول ماءُ جي جھولي ۾ آڻيندي آھي، بعد ۾ معاشري ۾ آڻي توھان کي سوين قسمن جي موقعن جي حوالي ڪري ڇڏيندي آھي. پوءِ اھو توھان تي ھوندو آھي ته توھان انھن موقعن مان فائدو کڻو ٿا يا لاپرواھي ۽ ڪن لاٽار ڪري ايندڙ وقت کي پنھنجي لاءِ مصيبت بڻائي ڇڏيو ٿا. پر ھاڻي ماحول بدلجي رھيو آھي. سال 2010ع بعد، ٽيڪنولاجي جي ميدان ۾ دنيا تمام وڏي ترقي ڪئي آھي. ھاڻي ته ڳالھ اڳڪٿين کان به اڳتي نڪري وئي آھي. رات جو سمھڻ ۽ صبح جو اٿڻ بعد سڌ ملي ٿي ته مارڪيٽ ۾ فلاڻي يا فلاڻي شئي جو توڙ اچي ويو آھي. سوشل ميڊيا سڀني کي باخبر ۽ ھوشيار پڻ ڪري ڇڏيو آھي. انھيءَ ڪري بي حد خوشي ٿيندي آھي ته ھن وقت اسان جا نوجوان زندگي جي ھر ميدان ۾ پاڻ ملھائي به خوب رھيا آھن ۽، اڳتي به وڌي رھيا آھن. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کي گھمندڙ ۽ دنيا جي سٺين يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ سنڌ جا سوين نه پر ھزارين اھڙا نوجوان آھن جيڪي جدتن جي سھاري اڳتي وڌڻ جي لاءِ ھاڻي ٻين جي لاءِ به شاندار مثال بڻجي رھيا آھن.
پنج ڏھاڪا اڳ ٻاھرين ملڪن ۾ پڙھڻ جي حوالي سان اسان جا نوجوان خواب به ڪونه ڏسندا ھئا. ھنن کي به ھي ستي پياري وئي ھئي ته “سوڙ آھر پير ڊگھيڙيو”. ذھني غربت، پيسي جي تنگي ۽ ملڪ جون سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون ائين سوچرائڻ جي لاءِ مجبور ڪنديون ھيون. باوجود مايوسين ۽ نااميدن جي اڄ ماحول ڪافي بدليل ۽ ھاڪاري آھي. اڄ سنڌ جي ھر تعلقي جا ويھارو ٽيھارو کن نوجوان دنيا جي ڪنھن نه ڪنھن ملڪ جي، ڪنھن نه ڪنھن يونيورسٽي يا تعليمي اداري ۾ تعليم پرائي رھيا آھن. اھڙي طرح سان جيڪڏھن سنڌ جي ڏيڍ سئو کان مٿي تعلقن مان ٻاھر ويندڙ نوجوانن جي انگن اکرن جو اندازو لڳائينداسين ته معلوم ٿيندو ته پوري سنڌ مان صرف پنھنجي خرچ تي پڙھائي لاءِ ٻاھر ويندڙ نوجوانن جو انگ سال 2025ع ۾، ڏھن ھزارن کان مٿي آھي. اسڪالرشپس وارا شاگرد الڳ آھن. جيڪڏھن انھن کي به شامل ڪجي ته ھي انگ ٻيڻو ٿي سگھي ٿو. توڻي جو ھي انگ اکر ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ايترو متاثر ڪندڙ ناھن پر ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو اتساھيندڙ آھن. پوري ملڪ مان ھر سال اعليٰ تعليم جي لاءِ ملڪ کان ٻاھر ويندڙ شاگردن جو تعداد ڏيڍ لک کان مٿي آھي. ٻاھريان ملڪ جيڪي اڪثر شاگردن جي ترجيحن ۾ شامل آھن انھن ۾ آمريڪا پھرين نمبر تي آھي. برطانيا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ ٻيا ملڪ بعد ۾ اچن ٿا. ٻاھر ويندڙ شاگردن جي وڏي انگ جو تعلق پاڪستان جي صوبي پنجاب، ان بعد گادي وارو شھر اسلام آباد آھي ۽ تنھن کانپوءِ خيبرپختونخوا آھي. جھڙي طرح سان ھي قول: “صفائي اڌ ايمان آھي” مشھور آھي. عين ساڳي طرح سان سمجھي ڇڏيو ته: زندگي خوبصورت آھي. بارونق آھي ۽ پرجوش آھي پر زندگي جي ان خوبصورتي، بارونقي ۽ پر جوشي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي اڳتي اچڻو پوندو. پاڻ ئي کي پنھنجي شعبي ۾ محنت ڪرڻي پوندي ۽ ان چور دروازي (شارٽ ڪٽ) کان پرھيز ڪرڻي پوندي جيڪو ھن معاشري جي لاءِ ھڪ وڏي بيماري بڻجي ويو آھي. سنڌ ۾ ھاڻي موقعن ۽ سھولتن جي کوٽ ڪانھي ڪا توڻي جو نيتن ۽ معيارن جو سوال پنھنجي جڳھ تي اڃان به موجود آھي پر انھن سوالن کي پنھنجي لاءِ روڳ ناھي بڻائڻو. ھر انسان باصلاحيت آھي، قابل ۽ اھل آھي بس شرط ھي آھي ته حالتون ڪھڙيون به ھجن پر موقعو ملي ته پائڻ ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي. موقعا بار بار ته ايندا آھن پر ان وقت اسان جو سج لھي چڪو ھوندو آھي ۽ ھڪ ٻيو نسل ميدان تي لٿل ھوندو آھي. ياد رکڻ گھرجي ته زندگي گذارڻ به ھڪ آرٽ آھي.