زندگي ڪرڪيٽ جي ڄڻ ميچ آ، اهي سٽون سائين مسرور پيرزادي جي ھڪ نظم تان کنيل آھن ۽ مون لاءِ سچ پچ زندگيءَ ڪرڪيٽ جي ڄڻ ميچ ئي آھي، جتي ٻاويهه گزن جي پِچ تي اسان کي پنهنجي اننگز/ زندگي سيٽ ڪرڻي آھي…
انساني زندگيءَ ڪيئي لاھڻ چاڙهن جو نانءُ آھي، جتي ڪيئي بائونسر ۽ يارڪرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ھر ڪنڊيشن/صورتحال لاءِ پاڻ کي تيار رکڻو پئي ٿو، زندگيءَ جي ڪامياب ڊگهي ۽ يادگار اننگز کيڏڻ لاءِ صبر، برداشت جو مظاهرو ڪرڻو پئي ٿو جيستائين اوھان جو وارو اچي تيسيتائين فقط محنت تي ئي ڀاڙڻو پئي ٿو…
سنگت…! پوءِ اچو ته ڪيريئر کي ڪرڪيٽ ذريعي سمجهندا اڳتي وڌون
جيتوڻيڪ ڪرڪيٽ پاڻ ئي ھڪ پروفيشنل گيم آھي پر ننڊي کنڊ جي وڏڙن جي نظرن ۾ ھيءَ راند وقت جو زيان ۽ فضول ڄاتي ويندي آھي، تنهنڪري مون ڪرڪيٽ کي ھتي ھڪ علامت طور پيش ڪيون آھي ڇو ته اسان ھر فيلڊ ۾ ھڪ ڪرڪيٽر جيئن ئي ته اڳتي وڌون ٿا… ۽ پاڻ ھر شئي کي ڪرڪيٽر جي نظر سان پرکيون ٿا …
جنم، سکڻ وارو مرحلو ۽ منزل جي ڳولا
اوھان ڏٺو ھوندو ٻالڪپڻ ۾ پهريون اوور، جتي بيٽ به پاڻ کان وڏي ھوندي آھي، رٻڙ/ٽينس جو بال، پلاسٽڪ يا سِرُن مان ٺهيل وڪيٽون، قانون ۽ ظابطا ميدان تي ٺهن ٿا، اتان کان ئي سڀ ڪجهه شروع ٿئي ٿو، جڏھن ڪرڪيٽ زندگيءَ جيئن محسوس ٿيڻ لڳي ٿي، ڇو ته اھا اسان گڏگڏ اڳتي وڌي ٿي…
مقابلي جو احساس
ٻاراڻي وهيءَ ۾ اسڪول ٽيم ۾ چونڊجڻ جي ڊوڙ، سليڪٽ ٿيڻ، ڪٽ بيگ ڪلهن تي، ھر بال تي پنهنجو پاڻ کي بهتر ثابت ڪرڻ جي جستجو ۽ اوچتو ڪرڪيٽ سنجيده محسوس ٿيڻ لڳندي آ …
جڏھن ذھن ڪنهن شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي چونڊ ڪري ٿو
ڦوھه جوانيءَ ۾ سپني جي ساڀيان ڏانهن وکون وڌائڻ، سخت محنت، ذھن ۾ ميدان، دل ۾ سوڀَ، اتي راند فقط راند نه ھڪ “مقصد” بڻجي وڃي ٿي…
نوڪري ۽ ذميواريون
ذميوارين جي احساس ۾ دٻيل، ھفتيوار ويڙھاڪ جي صورت ۾ … جيتوڻيڪ ھينئر گهٽ کيڏون ٿا، پر ھاڻي راند سان ڏاڍي محبت ڪريون ٿا … ھر ميچ پاڻ لاءِ ٿراپي جيئن آھي، ھر شاٽ اِھو ياد ڏياري ٿي ته “پڪچر اڀي باقي ھي ميري دوست…!”
رٽائرمينٽ ۽ نئين نسل لاءِ اسپيس
ھڪ ڏينهن پاڻ رانديگر واري سرحد اورانگهي وينداسين يعني رٽائر ٿي وينداسين ، ھاڻي اسان ھڪ مينٽور ۽ ڪوچ طور، بائونڊري لائين تي ڪنهن نئين ٽيلنٽ جي صلاحيتن جي اعتراف طور سڀ کان وڌيڪَ تاڙيون وڄائيندي نظر اينداسين…
ڇا سمجهئي نوجوان؟ ھاڻي تون بيٽ ھوا ۾ بلند ڪر، ڇاڪاڻ ته ڪرڪيٽ رڳو راند نه ھئي، ھي تنهنجي سفر جو اولڙو ھئي، تنهنجي محنت، تنهنجي برداشت ۽ تنهنجي ساکَ جو سفر…
توھان ڪهڙي مرحلي ۾ آھيو ؟ ؟
ڪنهن اھڙي ماڻهوءَ بابت ٻڌايو جيڪو ڪيريئر ۽ ڪرڪيٽ يا ڪرڪيٽ کي ئي ڪيريئر بڻائي اڳتي وڌيو ھجي …
ترجمو ۽ ترميم : سرمد