اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جسماني رمانڊ خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. چوڌري پرويز الاهي جسماني رمانڊ ڏيندڙ سيشن جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوڊيشل مئجسٽريٽ اينٽي ڪرپشن کاتي پنجاب طرفان داخل ڪيل ڪيس مان ڊسچارج ڪيو، مئجسٽريٽ جسماني رمانڊ جي استدعا کي رد ڪيو. سيشن جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ اپيل ۾ جسماني ريمانڊ جو فيصلو ڏنو. پي ٽي آءِ جي صدر درخواست ۾ استدعا ڪئي ته جسماني رمانڊ بنيادي حقن جي ابتڙ آهي. جسماني رمانڊ سان جسماني، ذهني تشدد ۽ زندگي کي خطرو آهي. جنهن ڪري سپريم ڪورٽ جسماني رمانڊ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.