ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره حرا ماني پنهنجي زندگي ۾ تبديلي بابت انڪشاف ڪيو آهي، اداڪاره حرا ماني تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف موضوعن تي ڳالهايو، هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪاره چيو ته زندگي مون کي پنهنجي مرضي موجب تمام گهڻو سڪون سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو زندگي چاهيندي هئي، مان اها بڻجي وئي آهيان، زندگي تحمل مزاجي چاهيندي هئي، ٻين کي ٻڌڻ، انهن کي سمجهڻ، پنهنجي باري ۾ گهٽ سوچڻ، هن چيو ته زندگي اوهان کي سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيندي آهي، زندگي سڀ کان وڏي استاد آهي، جيڪو زندگي سيکاريندي آهي، اهو ڪير ناهي سيکاريندو، محبت جي حوالي سان ڳالهائيندي حرا ماني جو چوڻ هيو ته سچي محبت فلمي ڳالهيون آهن، پيار هڪ سٺي شئي آهي پر حقيقت پيار ناهي، ماڻهو پيار کان وڌيڪ منهنجي عادت بڻجي ويندا آهن ۽ عادت لاءِ مان جان ڏئي سگهان ٿي.