زندگي خطري ۾ محسوس ڪندڙ افغانين بابت اهم اعلان

0
262
زندگي خطري ۾ محسوس ڪندڙ افغانين بابت اهم اعلان
زندگي خطري ۾ محسوس ڪندڙ افغانين بابت اهم اعلان

گڏيل قومن ۾ پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جي ترجمان قيصر آفريدي چيو آهي ته 2021 ۾ افغانستان مان جيڪي ماڻهو آيا هئا، اُنهن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن، جيڪي واپس افغانستان ويندا ته اُنهن جي زندگي خطر ۾ پئجي سگهي ٿي

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هُن چيو ته اسان پاڪستاني حڪومت کي اپيل ڪري رهيا آهيون ته جن افغان شهري محسوس ڪري رهيا آهن ته افغانستان واپس وڃڻ سان سندن زندگي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي، اُنهن کي في الحال پاڪستان ۾ ترسايو وڃي ۽ اُنهن کي پناهگيرن جي لسٽ ۾ رجسٽرڊ پڻ ڪيو وڃي

قيصر آفريدي چيو ته حڪومتي انگن اکرن موجب 6 کان وڌيڪ افغان شهري پاڪستان آيا، جن مان اڌ کان وڌيڪ اسان سان رابطي ۾ آهن

ٻئي پاسي ڪي پي جي نگران وزير اطلاعات جمال ڪاڪا خيل چيو ته جيڪڏهن ڪو افغان شهري سمجهي ٿو ته افغانستان واپس وڃڻ سان سندس زندگي کي خطرو آهي ته اُهو پاڪستاني حڪومت کي لکت ۾ ڏئي سگهي ٿو ۽ اُن کانپوءِ حڪومت پاڪستان اُنهن کي پاڪستان ۾ ترسائڻ جا انتظام به ڪندي

هي به پڙهندا

پرڏيهين جي واپسي شروع: ڪيترائي گرفتار، عارضي پناهگاهن ۾ منتقل: فرحت الله بابر ۽ ٻيا بيدخلي روڪرائڻ سپريم ڪورٽ پهچي ويا