زندگي جيئڻ جهڙي نه رهي آهي!

0
136

فياض حسين راڄپر

  ويھ سئو ٻاويهه وارو مينهن اهڙو وسيو، جنهن ۾ سمورو ملڪ پسيو. هي مينھن وسندي وسندي مها بوڏ جي صورت اختيار ڪندي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ڪچي پڪي، ننڍي وڏي نظام ۽ رابطي کي ٽوڙي موڙي درهم برھم ڪري ڇڏيو. زمينون فصل گهر برباد ٿيا، پکي، جانور جوءِ ڇڏي ويا. مطلب ته ماڻهو ماڻهو کان جدا ٿي ويو. آبادي واري هنڌ ويراني ھنياء ڏاريندڙ واڪا ڪندي ڏسڻ ۾ آئي. ڪيترن ئي ماگن تي اها صورتحال اڃان قائم آهي. هاڻي جي ويچار آيو ته نہ ڪم، نہ ڪار، نہ پورهيو، نه پوکي، ڇا زندگي نہ گذرندي اوکي. اوکو گذارن تہ اڄ تائين ٿي رهيو آهي، ڇو جو سونهاري سنڌ نہ ڪنهن قسم جي ڪا مل نہ ڪارخانو، مزدوري ملي ته ڪٿي؟ هرڪو ئي رڳو سرڪار جون راهون تڪيندو رهيو پر انهن کي نہ اچڻو هو، سو نه آيا پر پرڏيهي ملڪن کان مدد ۾ مليو سليو به ويڙهي بنگلن ۾ بند ڪري پاڻ پرڏيھ هليا ويا. مھا ٻوڏ متاثر اڄ به پنهنجي آبادي خاطر سراپا احتجاج بڻيل آهن. ويتر سروي ڪندڙن گهرن کي اڃان تائين پئسا نه ڏنا ويا آهن، حيرت آ ڪڏهن ملندا ۽ ڪڏهن غريب گهر جوڙائيندو.

هڪ ٻوڏ ٻيو بيروزگاري ويتر اچي مھانگائي ئي منهن ڪڍيو. مهانگائي جڏهن به ڪنهن وبائي بيماري بڻجي ايندي آهي ته هر ننڍي وڏي کي سوگھو ڪندي آهي. هڪ جان نه پر ڪيتريون ئي جانيون موت کي کلي ڳلي لڳائينديون آهن، ڇو جو هو پاڻ تہ ڏک سک ۾ گذر ڪري ويندا پر پنهنجي معصوم ٻارڙن کي دانهون رڙيون ڪندي ڏسي ڪين سگهندا آهن، ڪنهن غريب شخصن کان پڇيو ته ڏک توني ڪيئن ملندو آهي؟ هن چيو ته سائين مونکي ته مفت ملندو آهي، ٻئي جي خبر ناهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هئڻ ته ائين گهربو هو جو پندرهن سالن کان بادشاهت ڪندڙ سياسي پارٽي پنهنجا ننڍا وڏا ڪارڪن اڳواڻ هر ننڍي وڏي شهر ۾ ويهاري پنهنجي گودامن ۽ خزانن جا منهن کولي ڇڏي ها، ڇو ته انهن اهي گدام ۽ خزانا اهڙن ئي ماڻهن جي رت ست مان جوڙيا آهن. جيڪڏهن سنڌ ۽ سنڌو واسين سان سچائي هجي ها ته شايد ائين ڪن ها پر هو ته مسڪينن کان وڌيڪ مسڪين ۽ ضرورت مند آهن. پنهنجي ھڙئون وڙئون تہ ڪجهه ڏيئي نه سگهيا. چيو ويندو آهي ته بيروزگاري جڏهن عروج تي پهچندي آهي ته پنهنجي ساهيڙي مھانگائي کي به گهرائي وٺندي آهي. جيڪا وري ايندي ئي پنهنجا پير اهڙا پختا ڪندي آهي جو کيس ڪو به پهچڻ وارو ئي ڪين آهي. پوري ملڪ ۾ ڇو جو ايندي ئي چڱن مڙسن کي چارو ۽ سگهه وارن کي سهارو ڏيندي آهي ۽ پوءِ هر شيء جي قيمت وڌائي ڇڏيندي آهي.

هڪ ٻوڏ، ٻي بيروزگاري، ٽيون مهانگائي انهن هوندي ڇا هر شهر جو ننڍو وڏو ماڻهو مفلوج نه هوندو ته ڇا هوندو? ڏانهن جو چوڻ آهي ته بيروزگاري مهانگائي جتي به هوندي اتي بدامني جو هئڻ يقيني ڳالھ آھي بدامني جي باھ جڏهن به ڪٿي ڀڙڪي پوندي ته ڪک سان گڏ ڪاٺيون به ساڙي ڇڏيندي آهي ترقي ۽ خوشحالي جا رخ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي پئسي ڏوڪڙ سان گڏ سک چين قرار به رهڻ ڪين ڏيندي آهي سڄي ملڪ ۾ خوف حراس پکڙجي ويندو آهي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مان رڳو آهي خبرون ۽ آواز ايندا آهن ته ڪٿي موبائيل پئسا ڦر ٿي ويا هٿيار بند موٽر سائيڪل کسي ويا گهر جو الھ تلھ ٻھاري ويا ڀنگ لاءِ اغواهون به امن جو اعلان ڪندڙ بدامني کي گهڻو ويهڻ ڪين ڏيندا آهن. سندس ٿورو ڪي گهڻو خوف ته هميشه قائم رهندو آهي پر خاص ڪري بدامني تڏهن پنهنجي ڪرت گهڻي ڪندي آهي جڏهن ملڪ ۾ سياسي ٽوڙ جوڙ جا ميلا متل هجن يا چونڊن جا چرچا عام هجن، ڇو جو اسان وٽ امن پسند ماڻهن جي اوطاقن جا خرچ، چونڊ جا خرچ اها ئي بدامني ڀرندي آهي. امن پسند ماڻهن جي آمدني وارا انگ اکر پڙهندا ته لکن نہ پر اربن ۾ هوندا آهن پر پنهنجي کسي مان ڪک به نه ڪڍندا آهن. شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڳوٺن ۾ سائي سان گڏ سڪو به پيو سڙي. اسان جي ملڪ ۾ ڪا ننڍن قسمن جا امن ڪرائيندڙ پيا ٿا پگهارون کڻن پر پوءِ به بدامني امن جي پکي جا پر پٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ غريب ماڻهو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ ڪنهن کي دانهن ڏئي؟