زندگيءَ ۾ اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟

0
18
زندگيءَ ۾ اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟

 ڌرتيءَ جي هن گولي تي پهريون قدم رکندڙ انسان جيتوڻيڪ گهڻو پڙهيو لکيو نه هو پر تنهن هوندي به بُري ڀلي جي تميز رکندڙ، نيڪي ۽ بدي جي سُڃاڻپ رکندڙ، علم جي ثمرات (فائدن کان) واقف ۽ جهالت جي نقصانن جي به پرُوڙ رکندڙ هو…… اها ڳالھه ته واضح آهي ته انسان کڻي جنهن به مخلوق Speciousجي باقيات آهي(يا ترقي يافته شڪل آهي) سو هزارين سالن جي ارتقا جو نتيجو آهي..انسان شروع ۾ ايئن نه هو جيئن هن وقت آهي. جهنگ جي گروهي زندگي کان موجوده ٿري ڊي ايج تائين انسان ڪهڙيون ڪهڙيون مُهمون سر ڪيون آهن، ڪهڙا ڪارناما سر انجام ڏنا آهن ۽ ڪهڙا کيپ کٽيا آهن سو تاريخ جو حصو آهي(جنهن کي ڪير به بدلائي نه ٿو سگهي) مگر پاڻ موجوده انسان جي ذهنيت(نفسيات) سندس حالاتِ حاضره جي ڪارگذارين ۽ مستقبل جي منصوبابندي جي باري ۾ معلوم ڪنداسين ته نيٺ انسان ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي؟ ان جي نيت ڇا آهي؟ ارادا ڪهڙا آهن ۽ مستقبل ۾ ان جو انجام ڪهڙو ٿيڻ وارو آهي.انسان بنيادي طور ته چئن عُنصرن مِٽي، باھه، هوا ۽ پاڻي جو مرڪب آهي تنهن ڪري اهي چارئي علامتون منجهس سرس ڏسڻ ۾ اينديون آهن..ڪنهن مهل ڏسو ته پَٽ تي پيو کونگهرا هڻندو،ڪنهن مهل پَلنگن ۽ هندورن ۾ به بي چين ۽ بي خواب هوندو.. ڪنهن مهل روئي روئي پيو راڄ روئاريندو ۽ ڪنهن مهل باھ وانگي پيو سڙندو ۽ ساڙيندو..هونئن ته انسان هزارين خِصلتن ۽ خامين جو مجموعو آهي مگر اهي چارئي (بنيادي)ڪيفيون يا علامتون ملي ڪري هڪ انسان کي انسان بڻائن ٿيون..

سِوا منهنجي خامين جي ڏَس اي زمانا،

سوين تو ۾ خوبيون هزارين خصائل…!! (شيخ اياز)

هڪ جانور کي سمجهڻ يا سمجهائڻ ته آسان آهي مگر هڪ انسان کي سمجهڻ يا سمجهائڻ تمام مشڪل آهي..اهو ايئن ته جانور لاءِ چوندا آهن ته “سئين راند سُونٽيءَ جي”مگر انسان پنهنجي هوڏ تي اچي ته بندوقن ۽ بمن جي اڳيان به آڻ نه مڃي.. مگر ٻئي پاسي وري ڀورڙيو(سادو) اهڙو جو صرف مٿي تي شفقت جو هٿ رکوس ته سڄو سارو اوهانجو.. اوهان لاءِ پنهنجي زندگي به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي!

هي انسان آخر آهي ڪهڙي بلا، پل ۾تولو پل ۾ ماسو، گهڙي ۾ ميڻ گهڙي ۾ لوھه، گهڙي ۾ ملائم گهڙي ۾پٿر،  پل ۾پاڻي پل۾باھ…واھ واھ رکڻ واري منجهس ڪيڏيون نه خُوبيون رکيون آهن، سُٺايون رکيون آهن،گُڻ رکياآهن.. جيڪڏهن اهڙي ڳالھه آهي ته پوءِ آخر انسان هڪٻئي کي مارن ڇو ٿا؟ هڪٻئي جا دشمن ڇو ٿا ٿين؟ هڪٻئي کان پل جدا نه سرڻ وارا هڪٻئي لاءِ نفرتون ڇو ٿا پالين؟زندگيءَ جو اڌ حصو گڏ گهارڻ وارا باقي اڌ زندگي ڌار ڇو گذارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا..؟ سبب شايد انساني رويا، شڪ جو زهر، سُلوڪ ۽ اعتبار جو ٽُٽڻ.. (يا اڃان به ٻيوڪجهھ)..انساني مزاج ۽ فطرت ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن واري ڳالهھ وانگي سدائين هڪ مرڪز تي نٿي هجي.. انسان پنهنجو نقصان به پاڻ ڪندو آهي ته پنهنجي لاءِ فائدو به پاڻ ئي پيدا ڪندو آهي..

ڪاوڙ انساني اوگڻن مان هڪ انتهائي خطرناڪ عادت آهي ڪاوڙ ۾ انسان جو دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ان ڪري ڪاوڙ ۾ ڪيل اڪثر فيصلا غلط هوندا آهن…مگر ڪاوڙ جو انساني عادتن ۾ هجڻ به هڪ فطري عمل آهي.. ڪاوڙ هڪ طاقتور شيءَ آهي سياڻن چيو آهي ته پنهنجي ڪاوڙ کي پنهنجي طاقت ۾ بدلائڻ عقلمند ماڻهو جو ڪم آهي.. مگر هڪ وڏي اڪثريت پنهنجي ڪاوڙ واري عادت کي ضايع ڪري ڇڏيندي آهي، شايد هُو ڪاوڙ جي طاقت کان واقف ناهن هوندا جيڪڏهن واقف هجن ته هوند ايئن نه ڪن. (مطلب ان کي ضايع نه ڪن.) بدلو ۽ انتقام به ڪاوڙ جي سائنس جي هڪ شاخ آهي.. مگر بدلو اُهو ڪارگر ۽ طاقتور هوندو آهي جنهن ۾ اوهانجي دشمن کي خبر ئي نه پوي ۽ اوهان پنهنجو بدلو وٺي ڇڏيو. مگر اوهان سوچيندا هوندا ته اهو بدلو ئي ڪهڙو جنهن جي دشمن کي خبر نه پوي سو ان لاءِ عرض ته بدلي وٺڻ جو اهو فارمولو ٿورو الڳ ٽائيپ جو آهي.. ٻين لفظ ۾ ان کي خاموش بدلو به چئي سگهجي ٿو اهو ان طرح جو اوهان پنهنجي دشمن کي اهو احساس ڏيارڻ کانسواءِ ئي ان کان ڪنهن به حوالي سان اڳ ڪڍي وڃو جو هُو اوهان کي اهڙي پوزيشن ۾ ڏسي جنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به اهو نه هجي! ۽ اوهان کي ڏسي وائڙو ٿي وڃي ته هي هتي ڪيئن پهتو؟؟

انسان اهو سماجي جانور آهي جيڪو سدائين عمل جي رستي تي گامزن رهي ٿو.. يعني بهتر کان بهتر جي جستجو ۽ جاکوڙ ۾ سرگردان هجي ٿو.سندس اهڙي جستجو ۽ جاکوڙ گهڻو ڪري انساني خوشحالي، سُک،سلامتي، امن ۽ پُر آسائش زندگي گذارڻ واري فڪر جي چوڌار ڦرندي رهي ٿي.. اهوئي سبب آهي جو ماضي جون هزارين مشڪلاتون هيل تائين ان جي اڻ ٿڪ محنت ۽ سچائي سان حل ٿي چڪيون آهن ۽ اڃان به ڪي مُشڪل اُلجهنون سُلجهڻ جي مرحلن ۾ آهن.سٺن ماڻهن جي ڪوششن سان ڪيترن ئي لاعلاج بيمارين کان نجات ملي وئي آهي ۽ ڪيتريون ئي مُوذي بيماريون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيتريون ئي سائينٽيفڪ ايجادون انساني آساني ۽ بقا لاءِ روز بروز سامهون اچي رهيون آهن..

ڀٽائي اهڙن ڪردارن کي هيئن ڀيٽا ڏني آهي ته،

کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهن،

اوسيئڙو آهي آديسين کي پنڌ جو.

مگر ان جي اُبتڙ انسان ٻئي انسان سان دشمني، پئسي ڪمائڻ جي لالچ يا بدلو۽ پلاند وغيره وٺڻ لاءِ ڪجھه اهڙو به ڪري رهيو آهي جيڪو اجتماعي طور سڀني لاءِ خطرناڪ آهي.مثال هن دور جي وڏي ۾ ايجاد ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ آهن سو انهن تي سائبر حملا ڪري ماڻهن جي ذاتي معلومات Data کي چوري ڪرڻ کان سواءِ ملڪن جي دفاعي نظام سان به ڇيڙ ڇاڙ توڙي فطرت سان هٿ چراند ڪري پنهنجي تباهيءَ کي دعوت ڏيئي رهيو آهي. هن وقت دنيا جي بقا ۽ تباهي صرف هڪ بٽڻ جي دٻائڻ جي فاصلي تي آهي.. شُعاعي(ايٽمي) جنگين توڙي هٿيارن جو استعمال انساني نسل جي خاتمي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ماحولياتي آلودگي، جهنگن ۽ ٻيلن جو خاتمو، هزارين قسمن جي پکين ۽ جانورن جي نسل ڪشي دنيا کي دوزخ بنائڻ ڏانهن کنيل وکون آهن.سو اهڙي شر انگيز انساني سوچ  اڳيان رڪاوٽ وجهڻ جي ضرورت آهي جيڪا شر انگيز سوچ اجتمائي تنزل، ترقيءَ لاءِ جمود، جاهليت، غربت، ذاتي آسائشن ۽ جنگين جي پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي. ته جيئن هي دنيا ايندڙ نسلن لاءِ امن جو گِهوارو بڻيل رهي..