زندگيءَ جو اثاثو محبتون آهن

0
25
زندگيءَ جو اثاثو محبتون آهن

مون وٽ منهنجو ڪجھ به نه آهي، منهنجو فڪر، نظريو ۽ سوچ سڀ هن ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڌڻين سان سلهاڙيل آهن. مون وٽ جيڪڏهن ڪجھ آهي ته صرف يادگيريون، تجربا، خواب، محبتون ۽ ڪوششون آهن، جيڪي منهنجي زندگيءَ جو اثاثو آهن. آئون فطرت سان جڙيل اهو پنڇي آهيان، جنهن جي اڏام آڪاش کان سنڌ تائين آهي. اول سنڌ، آخر سنڌ ۽ سنڌ ئي سنڌ. آئون زندگيءَ ۾ صرف سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ٿي سگھيو آهيان. منهنجي هڙ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه آهي. مون زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجھ ڪيو آهي اهو صرف ان محبت جو عڪس آهي. محبت جيڪا مرڻي ناهي ۽ سنڌ جيڪا سدا رهڻي آهي.

                 منهنجي سمجھ، ڪردار، علم، عمل ۽ شخصيت منهنجي زندگيءَ جا عڪاس هئڻ سان گڏوگڏ منهنجي قوم جي امانت آهن ۽ آئون امانت ۾ خيانت جو سوچي به نٿو سگھان. آزاد خيال ۽ لاپرواھ هوندي به مون پنهنجي زندگيءَ جو پل پل سجايو گذاريو آهي. منهنجي زندگيءَ جي پل پل ۾ عشق سنڌ سمايل آهي. آئون عشق جو ڪٺل آهيان. جيتوڻيڪ منهنجي سمجھ، شعور، علم، ادب ۽ جدوجهد منهنجي زندگيءَ ۾ شعور، ساڃاھ، بيداري ۽ جرئت جا ڪيئي در کوليا آهن پر آئون زندگيءَ مان مطمئن نه آهيان. مونکي ڌرتيءَ ۽ قوم لاءِ گھڻو ڪجھ ڪرڻو آهي، جيڪو اڃان اڌورو آهي. منهنجي زندگيءَ جو عملي پهلو منهنجي آخري پساھن تائين جاري رهندو. مون زندگيءَ کي سمجھڻ ۾ ڪيتري دير ڪئي آهي. منهنجي ننڍپڻ کان هيل تائين ڪيل عمل ان جا عڪاس آهن. لاپرواھ، لاتعلق ۽ آزاد خيال هئڻ باوجود مون زندگيءَ کي ويجھي کان ڏٺو آهي ۽ ان جي هر پل کي Enjoy ڪيو آهي. منهنجي خوش دليءَ منهنجي زندگيءَ جي هر پل کي سجايو ڪري ڇڏيو آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌي قوم کي غير سائنسي سوچ سان سلهاڙيل روايتي سست ضرور ڏٺو آهي پر تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي سوچ ۽ سندس صدين جي لوڪ ڏاهپ کين سٻاجھو ۽ سلڇڻو رکيو آهي. سنڌي قوم جي سوچ لوچ ۽ رويا کيس سٻاجھو بڻائي جيئاريندا اچن. منهنجي زندگيءَ جون مقدس ڳالهيون محبت کان شروع ٿي فطرت تي اچي دنگ ڪن ٿيون. آئون اڏامندڙ پکين سان اڏامان ٿو ۽ گلن سان گڏ ٽڙان ٿو. فطرت ڏاڍي مهربان آهي، جنهن مونکي اونداهين جي غار مان ڪڍي روشنين جو رستو ڏيکاريو آهي. فطرت جو قدر ڪرڻ ئي ڌرتيءَ کي بچائي سگھي ٿو ۽ جياپي جا سڀئي رستا ڏيکاري ٿو. فطرت زندگيءَ جو اظهار آهي، اڄوڪي گلوبل وارمنگ ۽ فطري بگاڙ جي دور ۾ فطرت سان پيار ئي اسان کي بچائي سگھي ٿو. خود کي ڳولڻ کان خدا کي ڳولڻ تائين فطرت سان پيار ۽ زندگيءَ جو اظهار آهي. اچو فطرت سان پيار ڪريون ۽ جيون ۽ جيئڻ ڏيو جو اظهار ڪريون. مون هميشه قومي ٻڌيءَ ۽ قومي شعور لاءِ ڪم ڪيو آهي. اڪيلو رهڻ مون ۾ اساٽ پيدا ڪندو آهي، ان لاءِ مون دوست ٺاهيا آهن. هالو چالو دوستن دوکا ضرور ڏنا آهن ۽ سچن سخنور ۽ قومي فڪر سان سلهاڙيل دوستن سدائين ساٿ ڏنو آهي. دوستي زندگيءَ جي دلربائي آهي. دلربا دوستن سان دل جون ڳالهيون ڪرڻ ۽ سور سلڻ زندگيءَ جو سهڻو تجربو ۽ مشاهدو آهي. مونکي منهنجي ساٿ جي سلامتي تي يقين آهي. دوستن جي اتساھ مونکي ڌرتي جي عشق جو اتساهه بخشيو آهي ۽ پڪو يقين ڏياريو آهي ته صبح ضرور ٿيندو ۽ آخري فتح اسان جي ٿيندي، آخري فتح سنڌ جي ٿيندي. بي وقتائبي بندوق کان پنهنجي مُڏي سُڏي ڪهاڙي ڀلي آهي. بي وفا دوست کان با وفا دوست ڀلو آهي. سائنسي ۽ علمي ترقيءَ سان سماج ۾ تبديليون اچي رهيون آهن. سائنسي ترقي اڄ جو سچ آهي، ان سچ سان سلهاڙجي اسان سنڌي سماج کي وقت سان گڏ بهتر ڪري سگھون ٿا. سائنسي طريقي سان سماج کي سمجھڻ ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ اسان سياسي، سماجي ۽ سائنسي سوچ سان سلھاڙجي سماج جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ان جا حل ڪڍي سگھون ٿا. اسان حقيقتن ۽ شاهدين جي مدد سان سوال اٿاري غيرجانبدار ۽ بهتر نتيجا ڪڍي سنڌي سماج ۾ بهتري آڻي سگھون ٿا.

 اسان کي پنهنجي ٻانهن جي ٻل، قومي ٻڌيءَ ۽ قومي شعور ذريعي سماج ۾ ٿيندڙ سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ سائنسي ترقيءَ کي پروڙي پير اڳتي وڌائڻ گھرجن. قومي ٻڌيءَ، قومي طاقت ۽ قومي سوچ ئي اسان کي سرخرو ڪري سگھي ٿي. اسان کي پنهنجي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ قومي شعور، ساڃاهه ۽ گڏيل ٻڌيءَ سان اڳتي وڌڻ سان ئي منزل ملندي. فيڊرل ڪاسترو چواڻي: قومون جڏهن پنهنجيءَ تي اينديون آهن ته اهي پٿرن، ٺڪرن سان جهاز ڪيرائينديون آهن. اھي جھاز قومن جي ٻڌيءَ ۽ گڏيل جدوجهد اڳيان بيوس هوندا آهن. ان قومي جذبي ۽ قومي ٻڌيءَ سان اسان قومي غدارن کي ان ئي وڻ ۾ ڦاهيءَ تي ٽنگي سگھون ٿا، جنهن ۾ اڄ جو عوام خودڪشيءَ جي جھولي ۾ وڻن ۾ ٽنگيو پيو آهي. انهيءَ عمل سان اسان اڄوڪي ڪوڙن سردارن، وڏيرن ۽ پيرن کي سندن ئي پڳڙ سان ٻڌي وڻ ۾ ٽنگي سگھون ٿا. اهڙن قوم دشمنن کان کٽ خالي ڀلي آهي، جيڪي ڌرتي ۽ قوم لاءِ ڪجھ نٿا ڪن. ان احتسابي عمل سان اسان قوم سان ٿيندڙ ويڌنن جو حساب چڪتو ڪري سگھون ٿا. اسان هر ان نياڻيءَ جي عزت جو پلاند ڪري سگھون ٿا، جنهن جي عزت لٽڻ کانپوءِ کيس گھٽا ڏيئي قتل ڪيو ويو آهي. هر ناانصافي، معاشي، سياسي ۽ سماجي اڻ برابريءَ جو حساب وٺي سگھون ٿا، جنهن سان اسان جي قوم جي جياپي جا سڀ رستا بند ڪيا ويا آهن. اسان جي ايندڙ نسل جا دڳ بند ڪيا ويا آهن. اسان هاريءَ جي ان هڪ هڪ سنگ جو حساب وٺي سگھون ٿا، جيڪو ڪمدار ڪارائي جي ڪوڙي حساب سان وڏيري جو ڀڀ ڀري ٿو. اسان پورهيت جي وهندڙ پگھر جو حساب وٺي سگھون ٿا ۽ کيس سماجي تحفظ ۽ مناسب اجورو ڏياري سگھون ٿا. اسان پنهنجي عزت، آجپي ۽ خوشحاليءَ وارن خوابن، احساسن ۽ خواهشن جي ٿيندڙ قتل عام جي جوابدارن جو حساب ڪتاب چڪتو ڪري سگھون ٿا. اسان قومي ٻڌيءَ ذريعي سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙن کي بچائي سگھون ٿا. اسان پنهنجي پيرن هيٺان کسڪندڙ ڌرتيءَ کي بچائي سگھون ٿا. ھاڻي جڏهن اسان سنڌ جو ايڪتا ڏھاڙو، ثقافتي ڏهاڙو، قومي ٻڌي، قومي شعور، ساڃاهه ۽ قومي جذبي سان ملهائيندا آهيون، ان ويل اسان کي جيءَ ۾ جھاتي پائڻ گھرجي ته اسان پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم سان ڪيترا وفادار آهيون. دراصل ايڪتا ڏهاڙو تجديد عهد جو ڏهاڙو آهي، ڌرتي ۽ قوم سان وفا جي وچن کي پاڙڻ جو ڏينهن آهي. اسان کي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي لطيف سرڪار جي ان ڪُن فيڪُون جي پيغام تي پورو لهي وفا جي وچن کي پاڙڻو آهي.

الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم

قالوا بليٰ قلب سان تڏهن تت چيوم

تنهين ويل ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.

اسان کي به سنڌ سان قديم محبت جي تجديد ڪرڻي آهي. وطن سان وفا جي وچن کي پاڙڻو آهي ۽ هر ڏونگرءَ کي ڏارڻو آهي. هر روز جيءَ ۾ جھاتي پائي ان وفا جي وچن کي پاڙڻو آهي. اسان کي سياسي، سماجي، تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي نقطي نگاهه سان قوم جو حصو بڻجڻو آهي. اسان کي پنهنجي آئيني، انساني، اخلاقي ۽ قومي حقن لاءِ وڙهڻو آهي ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري ڪندي ڌرتي جي پاسي بيهڻو آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي يڪتا تاريخ آهي. سنڌ قديم تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهي آهي. ايڪتا ڏهاڙو اسان کي ٻڌائي رهيو آهي ته اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم جي روشن مستقبل لاءِ قومي ٻڌيءَ ۽ قومي عمل سان جدوجهد ڪرڻي آهي. شاه لطيف کي پنهنجو سونهون بنائي ڌرتيءَ ۽ قوم سان وفا جي وچن کي هر روز پاڙڻو آهي ڇو جو غلامي هڪ گار آهي، جيستائين اها موجود آهي ته اهو اسان جو انساني، قانوني، آئيني، فطري ۽ آفاقي حق آهي ته اسان ڌرتي ۽ قوم لاءِ ويڙهه وڙهون ۽ پنهنجو قومي ڪردار، قومي تشخص ۽ ڪلچر کي بچايون.