زنده سنڌو تحرڪ – هڪ عالمگير منصوبو- II

0
59
زنده سنڌو تحرڪ - هڪ عالمگير منصوبو- II

 وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ ڪري دنيا جو گرمي پد 1.5 ڊگري وڌي ويو آهي. انهيءَ گرمي پد وڌڻ ڪري دنيا ۾ وڏي پيماني تي تبديليون آيون آهن. انهن تبديلين جو اثر اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ 2022ع ۾ آيل برساتي ٻوڏ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. انهيءَ برساتي ٻوڏ ۾ ملڪ جا 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 1300 جي لڳ ڀڳ انساني جانيون ضايع ٿيون. انهيءَ ٻوڏ ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان سنڌ ۾ ٿيو. هڪ اندازي مطابق سنڌ جي زراعت ۽ چوپائي مال کي پهتل نقصان جو ڪاٿو ٻه ارب آمريڪي ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. آمد و رفت جي وسيلن ۽ خانگي ملڪيتن کي پهتل نقصان انهيءَ کان علاوه آهي.

                 گرمي پد کي وڌڻ کان روڪڻ ۽ موسمياتي تبديلين ڪري ٿيل نقصان جو پورائو ڪرڻ ۽ آئنده ان کان بچڻ لاءِ حڪومت پاڪستان طرفان، اقوام متحده جي سهڪار سان ‘زنده سنڌو تحرڪ’ (Living Indus Initiative) جي نالي سان هڪ منصوبو شروع ڪيو آهي. منهنجو انهيءَ منصوبي ۾ شامل ڪمن جو مختصر تعارفي ۽ هر ڪم تي ايندڙ خرچ جي ڪاٿي تي مبني مضمون، ‘روزاني پنهنجي اخبار’ ۾ 21 جولائي 2023ع تي ڇپيو هو. انهيءَ منصوبي ۾ شامل ڪمن جو وچور هن ريت آهي:

(i) ھلندڙ ڪم 10

(ii) تجرباتي/ مشاهداتي ڪم 4

(iii) نوان ڪم 10

اهي سڀ ڪم پيرس ٺاهه مطابق قومي طئي ٿيل مقصدن جي حاصلات (Nationally Determined Contribution Goals)  جي اهل آهن. ياد رهي ته پاڪستان انهيءَ ٺاهه ۾ شامل آهي.

مضمون جي طوالت کان بچڻ لاءِ اڄوڪي مضمون ۾ صرف انهن ڪمن جو تفصيلي ذڪر آهي، جيڪي سرزمين تي هلي رهيا آهن. ايندڙ قسط ۾ مشاهداتي/ تجرباتي ۽ نون ڪمن جو تفصيل ڏنو ويندو.

(1) صوبائي قانون تحت زميني پاڻي جي جٽادار سار سنڀار(Sustainable Ground Water Governance through provincial water act). عالمي بينڪ جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ زميني پاڻي استعمال ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي آهي ۽ جر جي پاڻي جي گهڻي استعمال ڪري، جر تي پوندڙ دٻاءُ ۾ ٻئي نمبر تي آهي. انهيءَ حد کان وڌيڪ پاڻي استعمال تي ضابطي آڻڻ لاءِ صوبائي سطح تي قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ اهڙو قانون ٺهيل آهي، پر ان تي عمل گهٽ ٿي رهيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اهڙو قانون ٺاهڻ ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرڻ لاءِ هي منصوبو تجويز ڪيو ويو آهي. هن منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي.

(2) سنڌوءَ جا محفوظ علائقا: (Indus Protected Areas).

سنڌو درياهه جيڪو 3180 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، انهيءَ درياهه تي آئي يو سي اين جي رپورٽ مطابق، انڊس ڊيلٽا ۾ موجود تمر جي ٻيلن جو 95 سيڪڙو آباد آهي. سنڌ طاس ۾ وڌندڙ بي ترتيب شهري علائقن، آبپاشي لاءِ استعمال ٿيندڙ فرسوده طريقه ڪار ۽ گدلاڻ جي ڪري ملڪ ۾ آبي جيوت ۽ آبي گل ٻوٽن جي خطرناڪ حد تائين کوٽ ٿي وئي آهي. سنڌ طاس جي انهيءَ سونهن کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ 500 نوان  پاڻي جا محفوظ هنڌ تجويز ڪيا ويا آهن. انهيءَ سان گڏ ملڪ ۾ اڳ ۾ موجود 50 ماڳن کي ڪاربان کان آجو ماڳ ٺاهڻ پڻ منصوبي ۾ شامل آهي. اقوام متحده طرفان شائع ٿيل رپورٽ مطابق هن منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي، پر ان ۾ اهو ڄاڻايل نه آهي ته ڪهڙن 50 پراڻن ماڳن کي ڪاربان کان آجو ٺاهيو ويندو يا ڪهڙا نوان ماڳ شامل ڪيا ويا آهن. هن منصوبي تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ شپ تحت ڪم هلي رهيو آهي.

(3) سنڌ طاس ۾ حيات زنگي جي ٻيهر بحالي (Build back biodiversity in the Indus Basin)

حڪومت پاڪستان جي سرڪاري انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ پکين جا 688 قسم، ڪرنگهيدار جانورن (Mammals) جا 195 قسم، خشڪي ۽ پاڻي تي رهندڙ جانور (Amphibians)  جا 22 قسم، مٺي پاڻي جي مڇي جا 198 قسم، سامونڊي مڇي جا 80 قسم، بنا ڪرنگهي واري جانورن جا 5000 قسم ۽ گلن ٻوٽن جا 5700 قسم ملڪ ۾ موجود آهن. ملڪ جي وڌندڙ آبادي ڪري اهي سڀ شيون خطرناڪ حد تائين گهٽجي رهيون آهن. حيات زنگي کي بچائڻ لاءِ ملڪ ۾ موجود محفوظ علائقن ۽ قومي پارڪن جي ٻيهر بحالي کانسواءِ پهرين مرحلي ۾ ملڪ ۾ 5 نوان اهڙا ماڳ هن منصوبي هيٺ ٺاهيا ويندا. هن منصوبي تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم هلندڙ آهي.

(4) مقامي سطح جي سياحت: (Community based tourism)

آئي يو سي اي (I.U.C.N) جي رپورٽ مطابق، پاڪستان ۾ 29 قومي پارڪ ۽ 400 جي لڳ ڀڳ محفوظ علائقا آهن، جن تي گهمڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو اچن ٿا. هڪ اندازي مطابق 2018ع ۾ 66 لک ماڻهو پاڪستان گهمڻ آيا. هن منصوبي هيٺ مقامي ماڻهن کي انهن ماڳن، مڪانن جي سار سنڀال ۾ شامل ڪيو ويندو، جيئن انهن ماڳن، مڪانن جي سار سنڀال سان گڏ، مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا پڻ ملن. هن منصوبي تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم هلندڙ آهي.

(5) سنڌو ثقافتي ورثي جا ماڳ: (Indus Heritage Site)

اها حقيقت آهي ته مُهين جو دڙو، تخت ٻائي جا ٻڌ ڌرم جا آثار، سوات جو اسٽوپا ۽ پير پٺي جو ٽاور سنڌو سڀيتا جي سونهن آهن. سيوهڻ ۾ سڪندر اعظم جي دور جي قلعي جي سٺي سار سنڀار ڪئي پئي وڃي، پر ٻيا ڪيترا ماڳ مڪان آهن، جيڪي بي ڌياني جي ڪري تباهه ٿي رهيا آهن. هن منصوبي هيٺ ڏهه اهڙن ماڳن مڪانن جي سار سنڀار ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻهن کي فني ۽ مالياتي مدد جي تجويز آهي. هن منصوبي تي ڪم هلندڙ آهي.

(6) قدرتي طور طريقن تي پاڻي ماڳن جي سار سنڀار: (Nature based water shed management)

گذريل هڪ صدي ۾ موسمياتي تبديلين ۽ ٻين ڪيترن سببن ڪري دريائن، پاڻي ماڳن تي منفي اثر پيو آهي. واپڊا جي هڪ رپورٽ مطابق: داسو ڊيم ۾ 220 ملين ٽن لٽ سالانه گڏ ٿيڻ ڪري سنڌو جو پيٽ سوڙهو ٿي ويو آهي. هڪ اندازي مطابق، ڊيمن ۾ گڏ ٿيندڙ لٽ جي ڪري 2025ع تائين پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 25 سيڪڙو گهٽجي ويندي. انهيءَ گهٽتائي جي ڪري ملڪ ۾ 70 ملين ميٽرڪ ٽن کاڌ خوراڪ جي شين ۾ گهٽتائي ايندي. ملڪ ۾ 1091 پاڻي ماڳ آهن. انهن پاڻي ماڳن (Water Shads) کي بچائڻ لاءِ هي منصوبو شامل ڪيو ويو آهي. هن منصوبي تي ڪم هلندڙ آهي.

(7) وڌايل جي ايل او ايف-  II

سنڌ طاس ۾ ايندڙ پاڻي جو اسي سيڪڙو مٿئين علائقن ۾ 16400 هيڪٽرز (40770 ايڪڙ)  تي ڄميل برفاني ڇِپن (Glaciers) مان اچي ٿو. موسمياتي تبديلين ڪري انهن برفاني ڇِپن جي ٽٽڻ ڪري خيبر پختونخوا ۽ گلگت- بلتستان جي 71 لک آبادي هر وقت خطري ۾ هوندي آهي. ڇِپن ٽٽڻ جي ڪري ايندڙ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ اطلاع جي جديد نظام جي ضرورت آهي. پاڪستان سرڪار خيبر پختونخوا ۽ گلگت- بلتستان جي ڏهن ضلعن ۾ اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جو سسٽم لڳائي رهي آهي. هن منصوبي تحت، مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي صوبن جي سڀني ضلعن ۾ اهڙا مرڪز قائم ڪرڻ شامل آهي. هن منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي.

(8) سنڌو جي صفائي، صنعتي ۽ شهري گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ (Indus Cleanup: Industrial and Urban effluent treatment)

 پاڪستان ۾ گندي پاڻي (Waste water) جو هڪ سيڪڙو صاف ڪيو وڃي ٿو، باقي 99 سيڪڙو، جيڪو شهرن ۽ ڪارخانن مان حاصل ٿئي ٿو، اهو سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. انهيءَ ڪري سنڌو درياهه ۽ ان تي گذارو ڪندڙ انسان ۽ جاندارن جي صحت تي منفي اثر پيو آهي. هڪ تحقيق مطابق: پاڪستان جي 388 وڏن شهرن مان صرف 8 شهرن ۾ گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ جا پلانٽ لڳل آهن. هن منصوبي ۾ گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرڻ تجويز ڪيل آهي. هن منصوبي تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم هلندڙ آهي.

(9) لوئر انڊس ۾ سم تي ضابطو (Salinity Control in the lower Indus)

لوئر سنڌ جي پنجاهه سيڪڙو زمين سم ۽ ڪلر جي اثر هيٺ آهي. سم ۽ ڪلر جي ڪري زراعت تي منفي اثر پيو آهي. زراعت ۾ واڌاري لاءِ هي منصوبو شامل ڪيو ويو آهي. هن منصوبي تي ڪم هلندڙ آهي. هن منصوبي تحت ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين (LBOD) ۽ رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين (RBOD) تي ڪم ڪرڻ شامل آهي.

(10) انڊس ڊيلٽا ۾ ماحوليات جي بحالي (Climate resilience on the Indus Delta)

 پاڪستان جي سامونڊي پٽي ايران کان هندستان تائين 1046 ڪلوميٽر ڊگهي آهي. پاڪستان جي سينيٽ جي ڪاميٽي جي رپورٽ مطابق: انڊس ڊيلٽا جي 22 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. سمنڊ جي اڳتي وڌڻ (Sea intrusion) ڪري مڇي مارڻ سان وابسته آبادي انڊس ڊيلٽا مان لڏي ٻين هنڌن تي وڃي رهڻ لڳي آهي. سمنڊ جي اڳتي وڌڻ، تمر جي ٻيلن ۾ گهٽتائي ڪري انڊس ڊيلٽا جي ماحوليات تي منفي اثر پيو آهي. انڊس ڊيلٽا جي ماحوليات کي بحال ڪرڻ لاءِ هي منصوبو تجويز ڪيل آهي. انهيءَ منصوبي هيٺ درياهه جي حيات زنگي (Biodiversity) کي بچائڻ، تمر جي ٻيلن جي بحالي، ملاحن جي بهتري ۽ بي ترتيب وڌندڙ شهرن جي ضابطو آڻڻ شامل آهي. هن منصوبي تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم هلي رهيو آهي.