پريالوءِ (ن پ ا) زرعي زمين تي قبضي ۽ موتمار ڌمڪين خلاف متاثر ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي پريالوءِ- سکر روڊ تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ويرم ڳوٺ جي رھواسين فقير خان محمد موريو، عبدالرزاق ۽ سليمان موريو جي اڳواڻيءَ ۾ شديد احتجاج دوران دانھيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته 4 جريب زرعي زمين تي اوڍا ڌر جي بااثرن قبضو ڪري ھٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، زمينن جا ڪاغذ کڻي روينيو ۽ پوليس عملدارن وٽ بار بار دانهيو پر ڪٿان به تدارڪ نه ٿيو آهي. بااثر ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.