ٺٽو: گھاري ڀرسان زميني تڪرار ۾ الزام ھيٺ آيل ٻي ڌر بروھي برادري پڻ زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪندي زمين تان قبضو ڇڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پريس ڪلب ٺٽو ۾ غلام سرور بروھي، احمد خان بروھي، رئوف بروھي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ڏوھاري نه پر ڪاروباري ماڻھو آھيون، ھنن چيو ته ڄاڻايل زمين اسان 2002ع ۾ غني رند کان ورتي، 2013ع ۾ زمين جو ڪمپيوٽرائزڊ کاتو به ٺھي مليو آھي پر روينيو کاتي جي ڪرپٽ عملدارن ملي ڀڳت ڪري رشوت عيوض اسان جي زمين جو کاتو ڊاڪٽر نعيم پليجو ۽ سلطان پليجو کي ٺاھي ڏنو، جن جعلي کاتو حاصل ڪرڻ بعد اسان جي زمين تي ھٿيارن جي زور تي قبضو ڪري ورتو آھي. ھنن چيو ته اسان قانوني رستو ورتو آھي، زمين تي قبضي خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ آھي، 23 آگسٽ 2021ع تي زمين تي قبضي ۽ اسان تي ڪيل حملي خلاف گھاري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، پوليس ڪارروائي لاءِ وئي ته زمين جي قبضي تي موجود ھٿياربندن پاران پوليس تي حملو ڪري 2  اھلڪارن کي شھيد ڪيو ويو. ھنن مطالبو ڪيو ته زمين تي ڪيل قبضو ختم ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي.