لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) زرعي زمين تي مبينا قبضي ۽ حملي جي الزامن هيٺ آيل پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ناهيدکهاوڙ پنهنجي ڀائٽين سرائي لياقت کهاوڙ ۽ واجد کهاوڙ سان گڏجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سال 2023ع دوران مون پنهنجي ڀاڄائي کان ديهه ٻيلاٽي ۾ 2 ڪروڙ 80 لک عيوض 140 جريب زرعي زمين خريد ڪئي، مون ٿڏي تي 2 ڪروڙ 20 لک ادا ڪري ڇڏيا ۽ بقايا 60 لک پڪي لکت ۽ کاتو ڏيڻ عيوض طئي ٿو پر ان کان اڳ ڀائيٽي پنهنجي امڙ کي بليڪ ميل ڪري زبردستي ڄاڻايل سموري زرعي زمين جو کاتو پنهنجي نالي تي ڪرائي اها زمين قبو سعيد خان واسي قبضا مافيا کي ٺيڪي تي ڏيڻ جي جعلي ايگريمينٽ ڪرائي، ڀائيٽي هٿياربندن کي ساڻ ڪري ڄاڻايل زرعي زمين تي اچي قبضي جي ڪوشش ڪري فائرنگ ڪئي، هاڻي وري مخالف سنگين الزام هڻي ڪردار ڪشي ڪري رهيا آهن، قبضا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.