قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ بنگل مغيري جي رهواسڻ عورت نصيبان مغيري پوليس جي ناانصافين خلاف معصوم پٽ کي ساڻ ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو عورت نصيبان جو چوڻ هيو ته خانواھ ڀرسان اسان جي 12 ويسا زرعي زمين ۽ ڳوٺ جي پلاٽ تي منهنجي بااثر ڏير قبضو ڪيو آهي، مزاحمت ڪرڻ تي منهنجي مڙس ۽ پٽ مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو، پوليس منهنجي پٽ ماجد مغيري کي گرفتار ڪيو آهي، قمبر ٿاڻي جي پوليس ونگار وهندي روزانو گهر تي چڙهائي ڪري هيسائي ڌمڪائي زمين لکي ڏيڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي، زمين جا ڪاغذ ۽ ريڪارڊ به اسان جي نالي تي آهي، هن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ڏاڍ ۽ ناانصافي جو نوٽيس وٺي پريشانين کان بچايو وڃي.