ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي تعلقي جي يوسي ڄنگھڙي جي ڳوٺ الھه بخش شورو جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين شفيع محمد شورو، ميان بخش، ديدار، گلشير، ايوب، شوڪت شورو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته وٽن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ زمينن جا کاتا موجود آهن پر  روينيو ٺٽي جا عملدار بجاءِ سندن کاتا ري رائيٽ ڪري ڏيڻ جي کين رلائي رهيا آهن هنن چيو ته ٺٽي جي روينيو کاتي جي عملدارن ڪوهستان جي زمين اڳواٽ ئي تين وال ڪري ٻين حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ کين خدشو آهي ته ڪٿي سندن رڪارڊ واريون زمينون ٻين کي ڪوڙن کاتن عيوض ٺاهي نه ڏين، ھنن گھر ڪئي ته سندن ڪوھستاني زمينن جا کاتا فوري ري رائٽ ڪري کين وڌيڪ پريشانين کان بچائي، ڪوھستان واسين جا ڳوٺ پڪا ڪري زندگيءَ جون پڻ سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري ڏنيون وڃن وڃن، ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪندا .