جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان هيٿ اسٽريڪ 49 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب هيٿ اسٽريڪ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ ڏکڻ آفريقا جي شهر جوهانسبرگ جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.اڳوڻي ڪرڪيٽر جي موت جي تصديق سندس گهرواري ڪئي، هن چيو ته هيٿ اسٽريڪ خواهش موجب پنهنجي حياتي جا آخري ڏينهن گهر ۾ گذاريا. هيٿ اسٽريڪ 65 ٽيسٽ ۽ 189 ون ڊي ميچن ۾ زمبابوي جي نمائندگي ڪئي.