بلاويو (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان زمبابوي خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو. ميچ لاءِ پاڪستاني پليئنگ اليون ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان) هوندو. ان کان سواءِ صائم ايوب کي به شامل ڪيو ويو آهي. ٻين رانديگرن ۾ عمير بن يوسف، عثمان خان، طيب طاهر، عرفان خان، جهانداد خان، عباس آفريدي، حارث رئوف، ابرار احمد، صفيان مقيم شامل آهن. زمبابوي خلاف ون ڊي سيريزي ۾ هيمسٽر انجري جي ڪري ٽيم مان ٻاهر ٿيل لاڙڪاڻي واسي شاهنواز ڏاهاڻي ٽي ٽوئنٽي سيريز مان به آئوٽ آهي. کيس ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.