راولپنڊي (م ڊ) 9 مئي سانحي جي جوابدارن جو اعترافي بيان سامهون اچي ويو، جوابدار جان محمد جناح هائوس تي حملي ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ملٽري يونيفارم جي شرٽ پائي وڊيو ٺاهي بعد ۾ ان کي ساڙيو. ڏوهاري علي شان بيان ڏنو ته باني پي ٽي آءِ جي فوج مخالف تقريرن سڀ ڪجهه ڪيو، جنهن سبب جناح هائوس تي حملو ڪيو اندر گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي. ڏوهاري بابر جمال به اعتراف ڪيو ته ميانوالي بيس تي حملي ۾ ملوث هيس، جوابدار دائود خان چيو ته ياسمين راشد ۽ حسان نيازي جي ڀڙڪائڻ تي جناح هائوس تي حملو ڪيو ۽ اهو به چيو ته تقريرن ذريعي ذهنن ۾ نفرت پيدا ڪئي وئي، جوابدار محمد حاشر چيو ته آئون 9 مئي تي جناح هائوس تي حملو ڪيو جڏهن ته فهيم حيدر بيان ڏنو ته پي ٽي آءِ جناح هائوس حملي لاءِ ذهن سازي ڪئي. جوابدار عاشق خان چيو ته زمان پارڪ تي حملي لاءِ تربيت ملندي هئي مون کي ڀڙڪايو ويو جنهن ڪري جناح هائوس حملي ۾ حصو ورتو، جوابدار بلال جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر ياسمين راشد جي تقريرن سبب منهنجي ذهن سازي ڪئي وئي.