باڊهه : برک صحافي زلف پيرزادو 10 نومبر 1960ع تي  ٻلهڙيجي ۾ عبدالرحيم پيرزادو جي گهر ۾ جنم ورتو، هن زندگي ۾ ڪيترائي لاھا چاڙھا ڏٺا، هن 4 ڏھاڪن جو ڊگهو عرصو سنڌي صحافت کي ڏنو،  شاگردي جي دور ۾ ڊي ايس ايف جو سرگرم ڪارڪن رھيو، هو شهيد نظير عباسي جو ويجهو ساٿي رهيو، عوامي حقن لاءِ جدوجھد جي ڏوھه ۾  هن 2 ڀيرا جيل جون سختيون به ڀوڳيون ـ زلف پيرزادو ڪراچي پريس ڪلب ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو ميمبر  ۽ عوامي آواز اخبار جو ڊپٽي ايڊيٽر پڻ ھو، زلف پيرزادو موسيقي ۽ شاھه لطيف جي بيتن جو ڄاڻو هو، زلف وائيسز گروپ ۾ نامياري راڳي بيدل مسرور سان سر سنگيت ۾  شامل رهيو.