زلزلي سبب قيدين رات جو 12.05 تي هنگامو شروع ڪيو: ابتدائي رپورٽ

0
34
زلزلي سبب قيدين رات جو 12.05 تي هنگامو شروع ڪيو: ابتدائي رپورٽ
زلزلي سبب قيدين رات جو 12.05 تي هنگامو شروع ڪيو: ابتدائي رپورٽ

ڪراچي: ملير جيل ٽوڙڻ واري واقعي جي ابتدائي جاچ رپورٽ آءِ جي جيلز حوالي ڪئي وئي آهي. ملير جيل اختيارين پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملير جيل جا هن وقت به 138 قيدي فرار ٿيل آهن، هنگامي حالتن دوران 12 قيدي زخمي ٿي ويا، جن کي طبي مدد مهيا ڪئي پئي وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قيدين زلزلي سبب رات جو 12 لڳي 5 منٽن تي هنگامو شروع ڪيو، جن کي سيڪيورٽي عملي پاران ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڪثر قيدين پاران ڀڃ ڊاھه شروع ڪئي وئي، سرڪل نمبر 4 جو دروازو ۽ لوهي گرِل به ٽوڙي وئي. هزارين قيدين پاران سرڪل 5 ۽ سرڪل 2 جي مختلف بيرڪن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڪثر قيدين اِي ڪورٽ، سي پي ايل سي ۽ سي آر او آفيس ۾ پڻ ڀڃ ڊاھه ڪئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رات جو هڪ وڳي 216 قيدي جيل مان فرار ٿيڻ مان ڪامياب ويا، جن مان 78 قيدين کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته هڪ قيدي طاهر خان فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران مارجي ويو.