گذريل ڏيڍ مھيني کان ضلعي ملير جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا اچي رهيا آهن، جنھن جو مرڪز قائدآباد ٻڌايو وڃي ٿو. زلزلي جو لوڏن جو دورانيو ته گهٽ آهي پر جھٽڪو وڏو اچي رهيو آهي، جنهن ڪارڻ عوام پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.
منهنجي سروي مطابق، قائدآباد ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جون وڇايل لائنون پراڻيون ٿي ويون آهن، جنهن سبب واٽر سپلائي ذريعي پاڻي فراهم ٿيڻ بند ٿي ويو آهي ۽ قائدآباد ۽ ڀر پاسي وارن علائقن جي ماڻهن جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ لاءِ ڊرلنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. چار سال اڳ جر 70 فوٽن تائين ھو، جيڪو وڌندو ھاڻ 150 تائين پهچي ويو آهي ۽ پاڻي ڪڍڻ لاءِ ايتري اونهائيءَ تائين ڊرلنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا اڄ به قائدآباد جي ڪيترن ئي گهٽين ۾ جاري آهي. (سرڪار روينيو کاتي يا ٻي ڪنهن لاڳاپيل کاتي کان رپورٽ طلب ڪري سگهي ٿي).
ڪيترين ئي شايع ٿيل سروي رپورٽن مطابق ملير جي زمين وارياسي آهي. ان زمين مان ڪيترن ئي ڏھاڪن کان ريتي بجري روزاني بنياد تي سوين ٽن غيرقانوني طور ڪڍي کپائي وڃي پئي. ريتي بجري ڪڍڻ لاءِ کوٽائي سبب ملير ڏانهن وڃبو ته اونھا اونھا کڏا نظر ايندا. ھيٺ نھاربو ته ڏڪڻي شروع ٿي ويندي. ريتي بجري چوري ۾ ملوث ڪردارن کي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به پنهنجي پڪڙ ۾ ناهي آندو. جڏهن ته ملير ۾ پاڻي جو قدرتي لنگھ ھڪ ئي آهي، جنهن کي ملير ندي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ گڏاپ جي جابلو علائقن مان ۽ برسات ذريعي پاڻي سمنڊ تائين پھچندو ھو. ساڳيو پاڻي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ زمين ۾ وڃي جر کي آب تاب ڪري پيو. اھو سلسلو ملير ندي جي پيٽ ۾ قائدآباد ملير پل کان گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٿيل قبضن سبب گهر تيار ٿي ڪالوني شڪل اختيار ڪري وئي آهي. چار سال اڳ آيل برسات ۾ پاڻي سان ندي جي ڀرجي وڃڻ تي سمورا گهر ٻڏي ويا هئا. رھواسين کي مقامي سرڪار ريسڪيو ڪري ٻاهر ڪڍيو هو. ندي مان پاڻي گهٽجڻ بعد ماڻهو واپس ساڳين گهرن ۾ منتقل ٿيڻ سان گڏ وڌيڪ گهر تعمير ٿي ويا. جتي ھاڻي ھزارين گهر ٺھي ويا (سرڪاري ادارا عام زمين تي ڪنهن کي گهر ٺاهڻ ناهن ڏيندا، جڏهن ته قديم ڳوٺن کي به قبضو قرار ڏئي ڊاھڻ شروع ڪندا آهن پر ندي جي بند ۽ پيٽ ۾ ايترا گهر تعمير ٿيڻ ۽ سرڪار طرفان ڪابه ڪارروائي نه ڪرڻ سمجھ کان ٻاهر آهي) جن کي بجلي جا ميٽر به لڳائي ڏنا ويا آهن. بنيادي ڳالھ نوٽ ڪرڻ جھڙي آهي ته بجلي جا ميٽر ان گهر کي لڳائي ڏنو ويندو آهي، جيڪو علائقو، ڳوٺ، ڪالوني، سوسائٽي روينيو رڪارڊ يا ڊيولپمينٽ اٿارٽي طرفان منظور ٿيل ھجي. گهر جو لي آئوٽ پلان/ ڊمارڪيشن ۽ پزيشن آرڊر مليل ھجي پر ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن.
ٻي طرف سنڌ سرڪار پاران ميگا پروجيڪٽ شاھراه ڀٽو ملير ندي جي ڪناري تي تعمير ڪيو وڃي ٿو. قيوم آباد کان ملير پل تائين مٽيءَ جو ڀراءُ ڪري روڊ ٺاھيو ويو آهي پر ملير پل کان ميمڻ ڳوٺ (نياڻي جي مزار تائين) مٽي جي ڀراءَ بدران وڏا پلر لڳايا پيا وڃن. انهن پلرز ۾ وڏي مقدار ۾ لوھ ۽ سيمنٽ استعمال ٿئي پيو، جنهن مٿان وري لوھ سان تيار ٿيل ڇت ڏئي روڊ تيار ڪري شاھراه ڀٽو جو ٽيون فيز مڪمل ڪيو ويندو. شاھراه ڀٽو پروجيڪٽ ترتيب ڏيڻ وقت سرڪار علائقي جي زميني ماحوليات تي ماھرن کان رپورٽ ورتي وئي ھوندي ۽ سائنسي معائنو پڻ ڪرائڻ بعد ئي پروجيڪٽ جي منظوري ڏني وئي ھوندي. ڇا سرڪار ڀرپاسي وارن علائقن جي زمين جو سائنسي معائنو ڪرائڻ لاءِ ماھرن کان مدد ورتي وئي هئي؟ جيڪڏهن ورتي وئي ته ان ۾ ڪي اوڻايون سامھون آيون ته انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
منهنجي خيال ۾ ضلعي ملير جي لانڍي، قائدآباد ۽ ٻين علائقن جي زمين جو معائنو ڪرايو وڃي ۽ ڊرلنگ (جر وسيلي پاڻي ڪڍڻ) تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. انھن علائقن کي واٽر سپلائي ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته ملير ندي جي پيٽ ۾ ٿيل قبضن کي فوري خالي ڪرايو وڃي ۽ ملير ندي ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي، جيئن جر تائين پاڻي پھچي سگهي. ملير مان ريتي بجري ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪري سختي سان عمل درآمد ڪرڻ گهرجي. ملير پل کان اڳتي ڀرپاسي وارن علائقن جي زمين جو معائنو ڪرائڻ ۽ رپورٽ اچڻ تائين شاھراه ڀٽو جو ڪم محدود ڪيو وڃي. سمورن ماھرن جي رپورٽ سان گڏ نتيجا ۽ عمل درآمد لاءِ عوام کي آگاھ ڪيو وڃي. قائدآباد يا لانڍي ۾ ڪو وڏو نقصان ٿئي، ان کان اڳ سرڪار کي نوٽيس وٺي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجي.