ملير: معطل ٿيل آءِ جي جيلز سنڌ قاضي نظير احمد چيو آهي زلزلو قدرتي آفت هئي، ڪٿي به واقعو ٿي پيو سگهي، جڏهن جيل بند هوندو آهي ته وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪارن جي ضرورت ناهي هوندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي ملير ۾ آيل زلزلي سبب بيرڪ جي ديوار کي نقصان پهتو، جنهن بعد مڇريل قيدين حملو ڪري دروازي جي ڪنڊي ٽوڙي ڇڏي، قيدين ٻاهر اچي ٻيا تالا به ٽوڙيا، جيل انتظاميه پوري ڪوشش ڪئي وئي ته هجوم تي ڪنٽرول ڪري سگهجي، هن چيو ته ملير جيل ۾ ننڍن ڪيسن ۾ ملوث قيدي هوندا آهن، جن جا مڪمل تفصيل موجود آهن، هن چيو ته بن قاسم ٽائون ۾ نئين جيل جي تعمير لاءِ 850 ايڪڙ زمين موجود آهي جتي نئون جيل ٺاهڻ جو منصوبو زير غور آهي.