زرعي پيداوار ۾ رڪارڊ لاٿ جو اعتراف: ٽرمپ ٽيرف به متاثر ڪندو: مهانگائي وڌي 7 سيڪڙو تي پهچندي: اسٽيٽ بينڪ

0
14
زرعي پيداوار ۾ رڪارڊ لاٿ جو اعتراف: ٽرمپ ٽيرف به متاثر ڪندو: مهانگائي وڌي 7 سيڪڙو تي پهچندي: اسٽيٽ بينڪ
زرعي پيداوار ۾ رڪارڊ لاٿ جو اعتراف: ٽرمپ ٽيرف به متاثر ڪندو: مهانگائي وڌي 7 سيڪڙو تي پهچندي: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد اعتراف  ڪيو آهي ته زرعي پيداوار 7 مان گهٽجي هڪ سيڪڙِو تي پهچڻ ڪري  ترقي جي شرح ( جي ڊي پي) 4.1 بجاءِ رڳو 3 سيڪڙو رهندي، صنعتون توڙي پاور جنريشن سيڪٽر پڻ منفي رهيا آهن، هلندڙ مهيني اپريل کان مهانگائي جي شرح وڌي  7 سيڪڙو تائين پهچندي ڪالهه هتي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سال 2022 ۾ اسان ڏکين حالتن ۾ هئاسين ،مهانگائي تيزي سان وڌي رهي هئي. انهن مسئلن  ڪري پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 2 هفتن جي درآمد جي برابر هئا، اسان جي مٽاسٽا جي شرح 50 سيڪڙو گهٽجي وئي هئي. اسان انٽربينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ وڏو فرق پڻ ڏٺو، اسان اهڙي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ سخت پاليسي وارا اپاءَ ورتا، درآمدات تي پابنديون لڳايون، جنهن  ڪري وياج جي شرح ۾ اضافو ٿيو. مارچ 2025 ۾ اسان ناڻي واڌ کي 0.7 سيڪڙو جي گهٽ ۾ گهٽ سطح تي ڏٺو پر هلندڙ مهيني کان ناڻي واڌ ۾ اضافوٿيندو. هن چيو ته اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ گذريل سال خساري ۾ هو پر هن سال اهو سرپلس ۾ آهي. سڀني حالتن جي باوجود اسان ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. اهڙن قدمن ڪري مٽا سٽا جي شرح پڻ مستحڪم آهي،  انٽربينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ جي وچ ۾ فرق پڻ گهٽجي ويو آهي. هن چيو ته ٻاهريون ادائيگيون 26 ارب ڊالر آهن، جن مان 16 ارب ڊالر رول اوور يا ري فنانس آهن ، باقي 10 مان 8 ارب ڊالر ادا ڪيا ويا آهن. باقي 2 ارب 30 جون تائين ادا ڪنداسين، هوڏانهن دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران هڪ مهيني  مارچ ۾ موڪليل رقم پهريون ڀيرو 4 ارب ڊالرن جي حد پار ڪري وئي آهي. ان سلسلي ۾ اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مارچ 2025 دوران 4.1 ارب آمريڪي ڊالر پهتا، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب مان 987.3 ملين ڊالر، گڏيل عرب امارات مان 842.1 ملين ڊالر، برطانيه مان684 ملين ڊالر ۽ آمريڪا مان 419.5 ملين ڊالر موڪليا ويا. هوڏانهن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي  چيو ته گورنر جميل احمد چيو ته پرڏيهي ناڻي جي آمد کي سامهون رکي چئي سگهجي ٿو ته 30 جون تائين  ريمينٽس 38ارب ڊالرن تي پهچندا، جڏهن ته ملڪي ناڻي ذخيرا پن 14 ادب ڊالر ٿي ويندا ، ڇا ٽرمپ ٽريف ملڪي معيشت کي متاثر ڪندو؟ جي سوال جي ورندي ڏيندي هن چيو ته  اسان جي آمريڪا ڏانهن ايڪسپورٽ 5.2 ارب ڊالرن جي آهي، جيڪڏهن ڪو ٿورو گهڻو اثر پيو ته انهي کي تيل جي گهٽيل اگهن مان پورو ڪيو ويندو، اسان کي تيل جو امپورٽ بل هل ارب ڊالر گهٽيو آهي، جنهن مان صنعتن کي رليف ڏئي سگهجي ٿو،