ٽنڊوڄام (ن پ ا )   سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس جي ميزباني هيٺ 10 ڏينهن کان جاري جشن آزادي انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ چيمپئن شپ جو فائنل گذريل ڏينهن سوشل سائنسز فيڪلٽي جي ايس ايس هيروز ۽ اينيميل هسبينڊري اينڊ ويٽرينري سائنسز جي ڊي وي ايم ڊاڪٽرز ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو، ٽاس کٽڻ بعد پهرين بيٽنگ ڪندي ايس ايس هيروز مقرر اوورن ۾ 117 رنس ٺاھي ورتيون، جڏهن ته سندن ٽيم جي بيٽسمين سيف ميراڻي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 51 رنس ٺاهيون، موٽ ۾ ڊي وي ايم ڊاڪٽرز جي ٽيم 110 رنسون ٺاهي سگهي، اھڙي ريت سوشل سائنسز فيڪلٽي جي ٽيم فائنل ۾ سوڀ ماڻي ورتي ۽ جشن آزادي انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ چيمپئن شپ 2024 جي چئمپين ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي، هن چيمپئن شپ ۾ عاقب بٽ کي مين آف دي سيريز جي اعزاز سان نوازيو ويو. راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري سان گڏجي ڪامياب ٽيم ۽ رنر ٽيم کي ٽرافيون ڏنيون. صوبائي وزير چيو ته منهنجي خواهش آهي ته سنڌ جا سڀئي گرائونڊ اسان جي نوجوان رانديگرن سان آباد رهن، ۽ اسان جا نوجوان ملڪي ۽ عالمي سطح جي مقابلن جو حصو بڻجن، ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسپورٽس انور حسين خانزادي مهمانن کي راندين بابت آگاهي ڏني. تقريب ۾ سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو، سيد نديم شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.