ٽنڊوڄام(ن پ ا ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد  ۽ چين جي شيان جياوٽونگ يونيورسٽي جي سھڪار سان “سي پيڪ توانائي جو ڍانچو ۽ سماجي-اقتصادي تبديليون: چيلينجز، موقعا ۽ پائيدار ترقي” واري عنوان تحت ٻن ڏھاڙن واري ڪانفرنس پنھنجي پڄاڻي تي پھتي، جتي ماھرن پاران پڙھيل تحقيقي مقالن ۽ ٽيڪنيڪل ويھڪن بعد سفارشون پيش ڪيون ويون، جنھن موجب سنڌ ۾ سي پيڪ منصوبن تحت زراعت ۽ مال پالڻ جي جديد ڪاري لاءِ ڪوششون جاري رکڻ، موسمياتي ذهانت واري طريقن سان خوراڪ جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، سولر نظام تحت آبپاشي ۽ بائيوگيس جهڙن توانائي حلن جي واڌاري تي ڪم جاري ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، جڏهن ته پاڻي بچائڻ واري ٽيڪنالاجي ۽ زراعت ۾ موسمياتي مزاحمتي ٽيڪنالاجي کي ھٿي ڏيڻ، ٿر ۾ زرعي ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ، توانائي منتقلي لاءِ سي پيڪ فريم ورڪ جاري رکڻ، زرعي بائيو ماس مان بايوفيول پيدا ڪرڻ ۽ زرعي باءِ پراڊڪٽس شين جي پائيدار استعمال لاءِ نيون ٽيڪنالاجيون اختيار ڪرڻ سان گڏ، توانائي پاليسين ۽ ماحولياتي حڪمت عملين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي سفارش ڪئي وئي، ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ ماحولياتي ضابطن تي عمل ڪرڻ ۽ سي پيڪ جي ساحلي روٽ تي زميني پاڻي جي معيار جو جائزو ۽ انتظام ڪرڻ جون تجويزون ڏنيو ويون، اھڙي ريت ٿر ۾ ڪوئلي جي /ڏسو صفحو 2 بقايا 01

زمين جي استعمال جي متوازن منصوبابندي ڪرڻ لاءِ تبديرون اختيار ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافو ۽ سنڌ جي نوجوانن لاءِ مهارت جي ترقي ۽ فني تربيت ۾ واڌاري لاءِ سي پيڪ منصوبن ۾ روزگار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ جي تجويزون پيش ڪيون ويون.