ٽنڊوڄام(رپورٽ: اظهر لوچي) زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ مبينا طور ٻن شاگردياڻين کي هاراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهيو، جاچ ڪاميٽي جو گھرايل اجلاس نه ٿي سگهيو. جاچ ڪاميٽي لاءِ مقرر فوڪل پرسن هراسمينٽ  معاملي کان پهرين ئي موڪل تي روانو ٿي ويو، هراسمينٽ  ڪميٽي جي چيئرمين پنهنجو نمبر بند ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ هڪ هفتو اڳ زرعي يونيورسٽي جي ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي ٽئين سال جي شاگردياڻين پاران سندس فيڪلٽي جي استاد خالد حسين ڍلو ۽ ڪلارڪ امتياز علي لاشاري مٿان هراسمينٽ  جا الزام هنيا هئا، جڏھن ته هراسمينٽ  ڪميٽي پاران گهرايل اجلاس ڪلهه به نه ٿئي سگهيو، جڏھن ته هراسمينٽ  جي جاچ کي وڌيڪ شفاف جاچ کي اڻڌري ۽  وڌيڪ يقيني شفاف بڻائڻ لاءِ زرعي يونيورسٽي جي رجسٽرار کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو هيو جيڪو هراسمينٽ  واقعي کان اڳ ئي موڪل تي ويل آهي جيڪو اڃا تائين نه اچي سگهيو آهي، جڏھن ته هراسمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين امجد ميراڻي کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر هڪ ڪال بند ڪري نمبر بند ڪري ڇڏيو آهي، واقعي کي زرعي يونيورسٽي انتظاميه سنجيدگي سان نه ورتو آهي، هڪ هفتي کان مٿي معاملي کي ٿيڻ بعد هن وقت ڪا به اڳڀرائي نه اچي سگهي آهي، جڏھن ته متاثر عورتن کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر موقف نه ڏنو ويو آهي، معاملو هن وقت تائين اهو ثابت نه ٿئي سگهيو آهي ته هراسمينٽ  ڪاميٽي ڪو سبب نه ڄاڻائي سگهي آهي.