ٽنڊوڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي صوبي ۾ هڪ ڪروڙ وڻ پوکڻ جي مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو. زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي سربراھي ۾ ملڪ جي مختلف تدريسي، زرعي، تحقيقاتي، خانگي ادارن جي نمائندن ۽ مثالي آبادگارن ھڪ ڪروڙ وڻ پوکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آھي، جڏھن ته يونيورسٽي پاران آڪٽوبر ۾ شاہ عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ زراعت، موسمن توڙي فطرت جي ذڪرن بابت ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آھي، ، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام جي توانائي ۽ ماحوليات واري شعبي جي ميزباني ھيٺ ۽ لائينز ڪلب ڪراچي، ھائي ڪورٽ انوائرنمينٽ ڪمپين، روٽري انٽرنيشنل جي سھڪار سان “مستقبل لاءِ وڻڪاري، 10 ملين وڻ، موسمياتي تبديليءَ خلاف محافظ” جي عنوان هيٺ سيمينار ۽ وڻڪاري مھم جو افتتاحي پروگرام منعقد ڪيو ويو، يونيورسٽي جي مين آڊيٽوريم ۾ رٿيل تقريب جي صدارت وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي ٽين يونيورسٽي جي وائيس چانسلرس ڊاڪٽر نصرت شاهه، ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو، ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ ۽ مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن جا سربراھ ۽ آبادگار تنظيمن جا اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ ماھرن، شاگردن به شرڪت ڪئي، پنهنجي خطاب ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ملڪ ۾ وڻن جي اڻھوند سبب سڄو ملڪ گرمي پد ۾ واڌ، موسمياتي تبديلين، ٻوڏن، سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ زراعت کي ناقابل تلافي نقصان پهتو، هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ 1,100 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلون، ڪيتريون ئي ٽائون ڪاميٽيون، 50 هزار کان وڌيڪ اسڪول، 300 کان وڌيڪ ڪاليج، 300 کان وڌيڪ ٽيڪنيڪي ادارا ۽ 70 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيون موجود آهن، انهن سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ھڪ ڪروڙ وڻ پوکڻ جو هدف حاصل ڪرڻ ڏکيو ناھي، جڏهن ته انهن وڻن جي مانيٽرنگ جيئوٽيگنگ ايپليڪيشن ذريعي ڪئي ويندي، ان موقعي تي وائيس چانسلر چيو ته آڪٽوبر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ فطرت جي مختلف حوالن تي ڪانفرنس منعقد ڪرائي ويندي،. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو ته ماحوليات ۽ وڻن بابت اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن جي تربيت شروع ڪرڻي پوندي.