ٽنڊوڄام (ن پ ا ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي انگريزي شعبي جي ميزباني هيٺ “پوسٽر پريزنٽيشن ۽ پروجيڪٽس” بابت نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي ذهانت ۽ تخليقي صلاحيتن ذريعي تخليق ڪيل پروجيڪٽس ۽ پوسٽر نمائش لآءِ پيش ڪيا، اھا نمائش خاص طور تي بي ايس انگريزي جي پهرئين ۽ ٻئي سمسٽر جي شاگردن جي غير معمولي صلاحيتن ۽ علمي قابليت کي اجاگر ڪرڻ لآءِ منعقد ڪئي وئي هئي، ان نمائش جو افتتاح فئڪلٽي آف ايگريڪلچرل سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز علي کُونھاري، انگريزي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شبانه سرتاج گڏ ربن ڪٽي ڪيو، ڊين ڊاڪٽر اعجاز علي کُونھاري خطاب ڪندي چيو ته ھن قسم جون تخليقي نمائشون نه رڳو شاگردن کي سندن علمي ۽ تخليقي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪن ٿيون، پر سندن تخليقي سوچ ۽ رابطن جي صلاحيتن جي اوسر جو سبب بڻجن ٿيون، جيڪي سندن بھتر مستقبل لآءِ انتھائي ضروري آھن، انگريزي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شبانه سرتاج چيو ته اسان جي شاگردن شاھڪار تخليقي منصوبن کي عملي طور تيار ڪرڻ ۾ غير معمولي جذبو ڏيکاريو،  ھن اميد ظاھر ڪئي ته اسان جا شاگرد ٻين يونيورسٽين جي مقابلي ۾ وڌيڪ محنت ڪندا، هن نمائش ۾ مس نائلا بلوچ جي اڳواڻي هيٺ 38 شاگردن آوازن جي نمونن، آواز جي ٺهڻ ۽ اوزان بابت لکت جي موضوعن تي ڇهه پوسٽر پيش ڪيا. ان کان علاوه، 35 شاگردن انگريزي ٻولي ۽ ادب جي فلسفين تي ٻڌل چار تخليقي پروجيڪٽ نمائش ۾ شامل ڪيا، جيڪي سندن سمسٽر جي سَيشَنل ٽاسڪ جو حصو هئا، هڪ خاص ويھڪ ۾ 9 شاگردن صائمہ لاڙڪ جي نگراني هيٺ صنفي بحث مباحثي تي ٻڌل ٽي تحقيقي پوسٽر پيش ڪيا.