ٽنڊوڄام (ن پ ا ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي سينٽر جي ميزباني ھيٺ اٺين سالياني ايگري ٽيڪ فائنل ايئر پروجيڪٽ (ايف وائي پي) نمائش ۽ جاب فيئر لڳايو ويو، جنھن لاءِ نائيس حيدرآباد، آئي ڪريئيٽوز ڪراچي، ايم آئي ٽي حيدرآباد، آئي سي ايم اي، ۽ بزنس انڪيوبيشن سينٽر سهڪار ڪيو، آئي ٽرپل اي اسٽوڊنٽ برانچ پڻ تعاون ڪيو. هن تقريب ۾ فائنل ايئر جي شاگردن پاران تيار ڪيل 33 جديد منصوبا پيش ڪيا ويا، جڏھن ٽي مختلف خانگي آءِ ٽي ڪمپنين نوڪري ۽ انٽرنشپ جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ اسٽال لڳايا ته جيئن ڪامياب گريجوئيٽس کيِ نوڪري جا موقعا فراهم ڪري سگھجن،  سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ نمائش ۾ لڳايل منصوبن جو جائزو ورتو، جتي ھن شاگردن جي ذهانت ۽ تخليقي صلاحيتن کي ساراھيو، نمائش ۾ فائنل ايئر جي گريجوئيٽس سافٽ ويئر حل، مصنوعي ذهانت (اي آئي)، سائبر سيڪيورٽي، موبائل ايپليڪيشنز، انٽرنيٽ آف ٿنگز (آئي او ٽي) ۽ جديد آءِ ٽي ماڊلز پيش ڪيا ويا. 33 منصوبن مان 16 ايگري ٽيڪ، 4 اي آءِ ۽ هارڊويئر، 5 سائبر سيڪيورٽي، 4 ايپليڪيشن بيسڊ، ۽ 4 آئي او ٽي تي ٻڌل هئا، منفرد منصوبن ۾ هڪ اسمارٽ بحالي ڪرسي ۽ گلوڪوٽيڪ ڊوائيس شامل هئي، جيڪا رت ۾ گلوڪوز جي سطح کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي، جاب فيئر ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي خانگي ڪمپنين شرڪت ڪئي، مقصد اهو هو ته نون آءِ ٽي گريجوئيٽس کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن،  ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سيال چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ تيز ترقي دنيا جي ڪيترن ئي صنعتن جهڙوڪ ميڊيڪل، زراعت، انجنيئرنگ، لائيو اسٽاڪ، ۽ پيداوار جي شعبن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، فئڪلٽي آف ايگريڪلچرل سوشل سائنسز جي ڊين، ڊاڪٽر اعجاز علي کونھاري چيو ته هاڻي عالمي مارڪيٽ رڳو هڪ ڪلڪ جي فاصلي تي آهي، جنهن سان بيشمار ترقي جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. آءِ ٽي سينٽر جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر مير سجاد ٽالپور چيو ته هنن صحت، زراعت، مشين لرننگ، ۽ موبائل ايپليڪيشنز ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي.