ٽنڊوجام (ن پ ا)  سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري جي وائيس چانسلر شپ جو مدو مڪمل ٿيڻ بعد سندس جاءِ تي يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر مقرر نه ٿئي سگهيو آهي، جڏهن ته وائيس چانسلر جي مقرري نه ٿيڻ سبب اداري اندر ڪم به رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته وقتي وائيس چانسلر جي مقرري جو به نوٽيفڪيشن جاري نه ٿئي سگهيو آهي، جنهن ته زرعي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر الطاف سيال، عنايت الله راڄپر، جان محمد مري، محمد اسماعيل ڪنڀر جا نالن جي سمري وڏي وزير ڏانهن پڻ اماڻي وئي آهي، جڏهن ته ذريعن وٽان معمول ٿيو آهي ته وڏي وزير جي ذاتي مصروفيت سبب وائيس چانسلر واري نوٽيفڪيشن دير جو شڪار ٿئي ويو آهي، ذريعن موجب معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن به يونيورسٽي جي موجوده وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي جي لوڪ آفٽر جي ذميوار ملي سگهي ٿئي، جڏهن ته ذريعن ٻڌايو آهي ته يونيورسٽي جي ٽن سينيئر پروفيسرن کان علاوهه ٻين پروفيسرن جا نالن تي پڻ غور ڪيو ويو آهي.