ٽنڊوڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي ٽئين سال جي ٻن شاگردياڻين پاران فيڪلٽي استاد خالد حسين ڍلو ۽ ڪلارڪ مٿان لڳايل هراسمينٽ جي الزامن جي جاچ لاءِ جوڙي ڪاميٽي هفتو گذرڻ بعد به ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته جاچ ڪاميٽي جو اڄ اجلاس ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، زرعي يونيورسٽي جي رجسٽرار کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ٻن شاگردياڻين پاران هنيل الزامن ۽ بنا صحيحن جي موڪليل درخواست بعد ڪاميٽي جو اجلاس اڄ گهرايو ويو آهي، داخل ڪيل درخواست کي ڇھ ڏينهن گذرڻ باوجود انڪوائري نه ٿيڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڪاميٽي جي هڪ رڪن ٻڌايو ته هن هفتي ۾ ٽي ڏينهن موڪل هجڻ ڪري اجلاس نه ٿي سگهيو،  جڏھن ته هراسمينٽ ڪميٽي پاران اڄ معاملي جي حوالي سان ميٽنگ گهرائڻ جا امڪان آهن، هراسمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين امجد علي ميراڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته معاملي جي مڪمل ايمانداري سان جاچ جو عمل شروع ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ اڄ اڱاري تي ميٽنگ گهرائي آهي، ان ۾ فيصلو ڪيو ويندو، معاملي جي جاچ جاري آهي، ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته جاچ لاءِ زرعي يونيورسٽي جي رجسٽرار غلام محي الدين قريشي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ڌرين جي بيانن کي رڪارڊ ڪندو ۽ معاملي جي حقيقتن بابت رپورٽ جوڙيندو، هوڏانهن الزام هڻندڙ متاثر شاگردياڻين کان استادن پاران دٻاءُ وجهڻ بابت موقف وٺڻ لاءِ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪيو ويو پر هنن پاران ڪنهن به قسم جو موقف نه ڏنو ويو، جڏھن ته وارثن کان به موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪو به سندس موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.  جڏھن ته ذريعن موجب معاملي کي ويهي حل ڪرڻ لاءِ استادن ڌرين به شاگردياڻين جي وارثن سان رابطا ڪيا آهن پر استادنڌرين پاران اهڙي تصديق نه ڪئي آهي،

نياڻين سان گڏ آهيون، شفاف جاچ ڪرائي وڃي، بنا ثبوتن جي الزام هڻڻ به ٺيڪ ناهي: استاد تنظيمون

ٽنڊو ڄام: استاد جي تنظيم سائوٽا اڳواڻ فهد کوسي جو چوڻ آهي ته  معاملي جي مڪمل ۽ بهتر نموني جاچ ڪرڻ جي اميد آهي، جيڪو به ملوث آهي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، باقي اسان پهرين پنهنجي نياڻين سان گڏ آهيون، هوڏانهن سائوٽا پاران پنهنجي پڌرائي جاري ڪندي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته زرعي يونيورسٽي جي سينيئر استادن بابت سوشل ميڊيا تي سندن تصويرون شايع ڪري، سندن ڪردار تي آڱر کڻڻ ڳڻتي وارو عمل آهي،   اسان سڀني معزز ڌرين کي عاجزانه اپيل ڪريون ٿا ته اهڙن حساس معاملن ۾ ذميواري، احتياط ۽ انسانيت جو پاسو رکيو وڃي، اسان پختي عقيدي سان سمجهون ٿا ته الزام جي جاچ منصفاڻين قانوني طريقن سان ٿيڻ گهرجي، پر ان دوران ڪنهن جي شخصي عزت تي حملو ڪرڻ يا بنا تصديق الزام هڻڻ افسوسناڪ آهي، جيڪو تعليمي ادارن جي ساک کي به نقصان پهچائي ٿو،

هراسمينٽ ۾ ملوث ناهيون، سڀني رخن کان جاچ ڪرائي وڃي: الزام هيٺ آيل استاد

ٽنڊوڄام : الزام هيٺ آيل ايسوسئيٽ پروفيسر خالد حسين ڍلو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته هو ڪنهن به هراسمينٽ ۾ ملوث ناهن، هو انڪوائري ۾ شامل ٿي  پنهنجو موقف پيش ڪندا،  اهڙو ڪو به اهڙو معاملو ناهي، اسان خود مطالبو ٿا ڪريون ته انتظاميا سڀني رخن کان جاچ ڪري، هن چيو ته آفيس جي بجلي جو نظام خراب هجڻ دوران گڏجي آيل شاگردياڻيون آفيس ۾ بجلي جي بند هجڻ ڪري پريشان ٿئي ويون، ۽ اتان ئي واپس ٿيون، هوڏانهن ڪلارڪ امتياز لاشاري پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مان ڇوڪرين کي سڃاڻان ٿو پر منهنجي نياڻين وانگي آهن، آئون هن کي خالد حسين ڍلو جي آفيس ۾ ميمبرشپ ويريفڪيشن لاءِ وٺي آيو هئس، بجلي خراب سبب لائٽ اتفاقي طور بند ٿي، جنهن کي جواز ڄاڻائي شاگردياڻين پاران حراس ٿي آفيس مان نڪري ويون، جنهن بعد هنن حراسمينٽ جا الزام هنيا ويا آهن،