ٽنڊوڄام(ن پ ا ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، سنڌ حڪومت جي اعلانيل گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيشن پروگرام مڪمل ڪندڙ صوبي جي 10 يونيورسٽين ۾ پهرين نمبر تي اچي وئي ، جنھن ۾ مک ڪئمپس ۽ ان سان لاڳاپيل عمرڪوٽ ڪيمپس جي 150 شاگردن گوگل سرٽيفڪيشن مڪمل ڪري يونيورسٽي لاءِ هڪ اهم مقام حاصل ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ڪالھ آچر تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر جي ميزباني ۾ ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم ۾ سرٽيفڪيٽ ورھائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي زراعت سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ۽ اسان جا گريجوئيٽس قومي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي قابليت سان يونيورسٽي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، صوبائي سيڪريٽري انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نور محمد سمون چيو ته سنڌ حڪومت طرفان يونيورسٽين جي قابل شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پيو وڃي هن چيو ته آئي ٽي جو چوٿون انقلاب تمام حيرت جوڳو ھوندو، جنھن ۾ مشين ٺاھيندڙ ماھر جو مقابلو، پنھنجي ئي ٺاھيل مشين سان ٿيندو، جيڪي شاگرد مئٽرڪ کانپوءِ انٽر ناھن ڪري سگھيا، يا جن انٽر ڪئي آھي، پر يونيورسٽين تائين پھچي ناھن سگھيا، انهن شاگردن لاءِ آئي ٽي ڪورسز به پيش ڪيا پيا وڃن، ٽيڪ ويلي جي سي اي او عمر فاروق، وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو. ان کان اڳ مھمانن پاران آئي ٽي جي شاگردن پاران تيار ڪيل ماڊلز جي نمائش جو دورو پڻ ڪيو، آخر ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، سيڪريٽري انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نور محمد سمون ۽ ڊينز پاران ڪامياب گوگل ٽرينيز ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ويا، تقريب ۾ ڊائريڪٽر آءِ ٽي سي ڊاڪٽر مير سجاد ٽالپر، ڊاڪٽر محمد يعقوب ڪونڌر، وسيم سجاد لنڊ ۽ ٻين خطاب ڪيو، تقريب ۾ سوشل سائنسز جي ڊين ڊاڪٽر اعجاز علي کونهارو، ڪراپ پروڊڪشن فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر عنائت الله راڄپر، اينيمل هسبنڊري ۽ وٽرينري سائنسز فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر منظور علي ابڙو، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر ڄام غلام مرتضيٰ سهتو، ميڊم ارم صبا، ڊاڪٽر مختيار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ذوالفقار علي مهر ۽ ٻين استادن سميت شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.