ٽنڊوڄام (ن پ ا ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۽ ان سان لاڳاپيل مين ڪيمپس، عمرڪوٽ ڪيمپس ۽ خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ اڄ ڇنڇر 12 آڪٽوبر تي منعقد ڪئي وئي آهي ، جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. انٽري ٽيسٽ ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان 6500 کان وڌيڪ اميدوار داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيندا، جن ۾ فيميل اميدوارن جو پڻ وڏي انگ شامل آهي، ان سلسلي ۾ جوڙيل ڪميٽين جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٽيسٽ جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ۽ اميدوارن جي سهولتن ۽ سخت حفاظتي انتظامن بابت مختلف فيصلا ڪيا ويا، وائيس چانسلر ان سلسلي ۾ ڪاميٽين جي سربراھن پاران تيارين بابت ڏنل ڏنل آگھي تي اعتماد جو اظهار ڪيو، وائيس چانسلر کي ٻڌايو ويو ته اميدوارن جي سهولت لاءِ ٽيسٽ سينٽر پبلڪ اسڪول حيدرآباد، عمرڪوٽ ڪيمپس، ۽ پبلڪ اسڪول سکر ۾ قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بلوچستان مان ايندڙ شاگردن لاءِ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مينيجمينٽ سائنسز (بيوٽمز) ايئرپورٽ روڊ ڪوئيٽا ۾ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.