ٽنڊوجام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ملازم يونين سچل سرمست گروپ جي سڏ تي سوين ملازمن جو وائيس چانسلر سيڪريٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سوين ملازمن پاران يونيورسٽي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن جميل احمد مري، ڪاشف ڀٽو، انور سومرو، سڪندر راڄپر سميت ٻين چيو ته يونيورسٽي انتظاميا ملازمن جا جائز مطالبا تسليم نه پئي ڪري جيڪا ڏک جهڙي ڳالهه آهي، مهانگي جي دور ۾ ۽ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ مهانگائي هجڻ ڪري يونيورسٽي انتظاميا سندن ليونڪيشمينٽ ادا نه ڪري رهي آهي، هنن چيو ته ڪيتري ئي وقت کان رهيل رٽائرڊ ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا نه پئي ڏني وڃي، جنھن سبب ملازم جا ٻچا سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهين، هنن چيو ته ملازمن کي هر سال ڪپڙن جا پئسا ڏنا ويندا آهين، جنھن جي ادائيگي وائيس چانسلر نه پيو ڪري جنهن ڪري ملازم ۾ سخت ڳڻتي جي لهر پيدا ٿئي وئي آهي، هنن چيو ته يونيورسٽي اندر ڪيترائي پروگرام روزاني جي بنياد تي ٿين پيا پر يونيورسٽي انتظاميه ملازمن کي پنهنجا فنڊ ادا نه ڪئي ڪري،جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، هوڏانهن يونيورسٽي انتظاميا رياست علي ڪٻر، فرمان چانڊيو ۽ پرويز پتافي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، يونيورسٽي انتظاميا خاطري ڪرائي هڪ هفتي اندر مطالبا تسليم ڪرڻ جو وچن ڪيو، جنھن بعد ملازمن پاران احتجاج مظاهرو ختم ڪندي روزاني جي بنياد تي اڳواڻن پاران ٻانهن ۾ ڪاري پٺي ٻڌي ٽوڪن هڙتال جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.