ٽنڊوڄام (رپورٽ: اظهر لوچي) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سوين شاگردن پاران هاسٽل پرووسٽ واحد بلوچ کي هٽائڻ لاءِ چئن ڏينهن کان هاسٽل گيٽ تي ڌرڻو جاري هيو، انتظاميا پاران ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ انتظاميا ۽ شاگردن وچ ۾ هڪ دفعو ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿي ويون. انتظاميا ٻيهر ڳالهين لاءِ شاگردن کي گهرايو ، انتظاميا ۽ شاگردن وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ شاگردن جي سوين جي تعداد ۾ اڳواڻن سميت حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو جاري رکيو آهي، ڌرڻي جي اڳواڻي آڪاش ڪلهوڙو، رضا بنگلاڻي، امر سنڌي، عبدلحق چانڊيو، دانش کوسو،مجيد سنڌي رضوان شر ۽ ٻين ڪئي، شاگردن جو چوڻ آهي ته انتظاميا کي لکت ۾ مطالبا ڏنا هئا پر انتظاميا مطالبا تسليم نه پئي ڪري، ڳالهين ۾ گهرايو ويو پر هاسٽل پرووسٽ کي نه پيو هٽايو وڃي، هاسٽل اندر سهولتن جي کوٽ آهي پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، هنن چيو ته امتحانن دوران انتظاميا سهولتون نه پئي فراهم ڪري، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، هوڏانهن رات دير تائين شاگردن پاران حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي هنيل ڌرڻو جاري رهيو ، جنهن سبب سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي ۾ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي آهي، ڌرڻي ۾ وڪيل اڳواڻ به يڪجھتي لاءِ پهتا. هوڏانهن ڌرڻي دروان هڪ شاگرد طفيل احمد مھر جي حالت ڳڻتي جوڳي سبب حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن زرعي يونيورسٽي اندر شاگردن جا امتحان به جاري آهين، سڀاڻي لڳل ڌرڻي سبب ڪيترائي ئي مسئلا پيش اچي سگهن ٿا، جڏھن ته ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڌرڻي ۾ انتظاميا رات دير تائين نه پهتي.
ٻين شاگردن کي پريشان ڪرڻ ٺيڪ ناهي، ڳالهين کي اهميت ڏيو: يونيورسٽي انتظاميا
ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا پڌرو ڪيو آھي ته ھاسٽل ۾ رھندڙ ڪجھه شاگرد ڌرين پاران ھاسٽل ۾ مختلف مسئلن جي حوالي سان خدشن جو جواز ڄاڻائيندي، ھلندڙ امتحانن دوران ڪيل احتجاج جو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال پاران نوٽيس وٺڻ بعد يونيورسٽي جي سينيئر ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر جي سربراھي ۾ مختلف فيڪلٽين جي ڊينز، رجسٽرار ۽ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس جي ميمبرن تي ٻڌل 6 رڪني ڪاميٽي ٺاھي، جنھن جو مقصد شاگردن جا مسئلا ٻڌي، انھن کي حل تي عملي طور اڳڀرائي ڪري سگھجي، يونيورسٽي جي سينئر ترين مينيجمينٽ شاگردن سان لڳاتار ڪلاڪن تائين ڳالھيون ڪيون، اسان سندس سڀني خدشن کي ختم ڪري، مسئلا فوري حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ۽ امتحان بعد، ويڪيشن جي موڪلن دوران پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ وڌيڪ نوان آر او پلانٽ لڳرائڻ جي به لکت ڏيڻ جو وعدو ڪيو، شاگردن اڳواڻن کي ان ڳالھ جي تصديق ڪرائي وئي ته يونيورسٽي جي انتھائي سينئر ترين مينيجمينٽ جنھن ۾ فيڪلٽين جا سڀ ڊين، رجسٽرار ۽ شاگرد معاملن سان سلھاڙيل آفيسر شاگردن جي مڙني مسئلن جي حل لاءِ سنجيده آھن ۽ فوري حل ڪرڻ جي ذميواري کڻن ٿا، جڏھن ته جيڪڏھن سندن ھاسٽل پرووسٽ جي حوالي سان ڪي مونجھارا آھن، اھي به حل ڪيا ويندا ۽ مستقبل ۾ به ان سلسلي ۾ مڪمل ظابطا اخلاق جوڙيو ويندو، ۽ اھي سڀ شيون رڪارڊ تي رکيون وينديون، اھڙي اھم يقين دھاني باوجود ڳالھين دوران شاگرد اڳواڻن پاران دوستن سان مشورو ڪرڻ جو چئي، ٻاھر شاگردن کي احتجاج طرف وٺي ويا، پڌرائي موجب توڙي جو ھاسٽل انتظاميا شاگردن جي سھولتن سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رھي ھئي، پر ھلندڙ امتحانن دوران ڪجھ شاگرد ڌرين پاران مسئلن جي جواز تحت امتحانن ۾ مصروف شاگردن کي پريشان ڪرڻ بھتر عمل ناھي، پڌرائي ۾ شاگردن کي چيو ويو آھي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سينئر ترين مينجيمينٽ پاران ڪيل ڳالھين کي اھميت ڏني وڃي ۽ يونيورسٽي ۽ شاگردن جي بھتري خاطر احتجاج ختم ڪري، شاگردن جي ھلندڙ امتحانن واري قيمتي وقت کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ يونيورسٽي جي سينيئر ميجيمينٽ سان سھڪار ڪيو وڃي.