ٽنڊوڄام(رپورٽ: مبين مگسي) سنڌ زرعي يونيورسٽي انتظاميا هاسٽلن جي فيس ۾ 21 سئو رپيا واڌ ڪري ڇڏي، غريب شاگرد پريشان، احتجاج جو چتاءُ، ان ڏس ۾  سنڌ زرعي يونيورسٽي انتظاميا هاسٽلن جي فيسن ۾ 21 سئو رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي، شاگرد ۽ شاگردياڻين جي هاسٽلن جي فيس 7500 مان  وڌائي 9600 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، زرعي يونيورسٽي جي ذميوار  عملدارن  به فيس  جي واڌ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. شاگرد  تنظيمن ۽ شاگرد اڳواڻن پاران فيس وڌائڻ خلاف يونيورسٽي جو موڪلون ختم ٿيڻ بعد تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.