ٽنڊوڄام(ن پ ا) زرعي ماهرن چيو آهي ته موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، سوڪھڙي ۽ فصلن ۾ جيتن جي مناسب انتظام نه هجڻ ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي زراعت کي وڏي خطري جو مھاڏو آھي، ان ڪري زراعت ۾ جديد زرعي طريقن کي لاڳو ڪرڻو پوندو،  ان ڏس ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان ٿيل ٻن ڏھاڙن واري پلانٽ پروٽيڪشن سائنسز بابت عالمي ڪانفرنس پنھنجي پڄاڻي تي پھتي، جتي ماھرن پاران ماحول دوست بائيو ڪنٽرول ايجنٽس، نينو پارٽيڪلز، ۽ ٻوٽن جي عرقن تي تحقيق کي هٿي ڏيڻ جي سفارشون پيش ڪيون، سنڌ ۾ سوڪھڙي، پاڻي جي کوٽ، ۽ فصلن تي جيتن ۽ بيمارين جي حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد زرعي طريقن، موسمي اثرن کي سھپ رکندڙ جنسن، ۽ موثر تحقيق کي ھٿي ڏيڻ، قرنطينه قدمن کي اثرائتو بڻائڻ، ۽ مختلف فصلن ۾ ڳرڻ سڙڻ واري بيمارين، مٽيءَ ۾ موجود فنگس، ۽ بيمارين جو سبب بڻجندڙ بيڪٽيريا جي سڃاڻپ ۽ انهن خلاف حڪمت عملي جوڙڻ جي سفارش ڪئي وئي،  جڏھن ته زرعي شعبي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس، موبائيل ايپليڪيشنز، ۽ ٻين ڊجيٽل اوزارن جي اثرائتي استعمال تي پڻ زور ڏنو، ماهرن سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ۽ آزاد ڪشمير ۾ فصلن کي درپيش خاص چئلينجن بابت علائقائي تحقيقاتي ايجنڊا ترتيب ڏيڻ جي پڻ سفارش ڪئي، ان موقعي تي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته هيءَ بين الاقوامي ڪانفرنس زراعت، سائنس، ۽ عالمي سهڪار جي ميدان ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿي آھي، هن چيو ته اڄ زراعت کي موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، جيتن ۽ بيمارين جهڙن ڳنڀير چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، هن زور ڏنو ته تحقيقاتي نتيجن کي رڳو سائنسي جرنلن يا ليبارٽريز تائين محدود رکڻ بدران، انهن جو سڌو فائدو آبادگارن تائين پهچڻ گهرجي، شھيد بينظيرڀٽو انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپورميرس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رسول بخش مھر چيو ته ٻوٽا ڌرتي جي وائيي منڊل کي بھتر رکن ٿا، ٻوٽن جو ماحول، خوراڪ جي تحفظ ۽ دوائن ۾ اھم ڪردار آھي، پر موسمي تبديلين جي ڪري ھاڻي ٻوٽا خود خطري ۾ اچي ويا آھن، جنھن جي ڪري اسان جو ماحول. خوراڪ ۽ ڌرتي جو وائيو منڊل خطري ھيٺ اچي ويو آھي، ان موقعي تي،ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي ماهرن، مقررن ۽ شرڪت ڪندڙن کي سندن خدمتن جي ساراهه طور شيلڊون ۽ اعزازي سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا ويا.