لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ پنهنجي منشور ۾ زرعي صنعتن بابت نڪتا شامل ڪري ورتا آهن. منشور موجب 12 لک ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي ن ليگ جو بنيادي مقصد هوندو، ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي تبديلي رعايتي قيمت تي هوندي، ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي تبديلي لاءِ رهيل رقم آسان قسطن ۾ هوندي. ن ليگ جي منشور ۾ چيو ويو آهي ته لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ بهتري لاءِ نرم شرطن تي قرض ڏنا ويندا، لائيو اسٽاڪ سيڪٽر جي بهتري لاءِ ٻهراڙي جي عورتن تي سيڙپڪاري ڪئي ويندي. منشور ۾ اهو به چيو ويو آهي ته زرعي ٻج جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ سيڊ ايڪٽ تي نظرثاني ڪئي ويندي، ريسرچ انسٽيٽيوٽ ذريعي هائبرڊ ٻج جي تياري ڪئي ويندي. ان کان اڳ ن ليگ عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ معاشي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي. لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف جو معاشي ماهرن سان اهم مشاورتي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شهباز شريف به شريڪ ٿيو، جتي ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ سڌارن ۽ تجويزن تي غور ٿيو. ترجمان موجب اجلاس ۾ عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ معاشي منصوبي کي حتمي شڪل ڏني وئي. ترجمان ٻڌايو ته اجلاس ۾ توانائي بحران جي خاتمي، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ گهٽتائي جا نڪتا طئي ٿيا، ٽيڪس سڌارن، زراعت، صنعت ۽ آءِ ٽي جي ترقي لاءِ مراعتن تي ٻڌل پيڪيج تيار ڪيو ويو، روزگار جي فراهمي ۽ نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ پاليسي نڪتا جوڙيا ويا. ترجمان چيو ته زراعت لاءِ خاص رعايت تي شمسي توانائي ۾ مراعتن جو به پيڪيج شامل آهي، گهريلو واهپيدارن کي بجلي جي فراهمي لاءِ وڏين مراعتن جو پيڪيج به شامل ڪيو ويو، تعليم، صحت ۽ انفرا اسٽرڪچر لاءِ وڏن منصوبن جون ترجيحون به طئي ڪيون ويون. ترجمان موجب اجلاس ۾ مجموعي معاشي سرگرمين کي مرحلي وار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو، معاشي منصوبو ماهرن جي تجويزن جي روشني ۾ طئي ڪيو ويو، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي، صنعتن ۽ برآمدي شعبن لاءِ سڌارن جا اصول به طئي ڪيا ويا.