گهوٽڪي (رپورٽر) برسات ۽ ٻوڏ ۾ فصلن جي تباهي بعد گهوٽڪيءَ ۾ زراعت کاتي ۽ اينگرو پاران آبادگارن کي فصلن جي پوکائيءَ بابت آگاهي لاءِ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي جي آبادگارن ۽ زميندارن شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ اينگرو جي ريجنل مئنيجر سکر محمد علي دايو، رضوان مجيد آرائين، سنڌ آبادگار بورڊ جي مجيب الرحمان ڪلوڙ، نثار احمد لکڻ، فقير گلزار سنگهڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي مقررن جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن. زمينن جي سگهه متاثر ٿي آهي، ان ڪري مٽي ۽ فصل کي ملندڙ پاڻي جي ليبارٽري چڪاس تمام ضروري آهي ته خبر پئجي سگهي ته پوکيل فصل کي ڪهڙي کاڌ ۽ دوا ڏئي سگهجي ٿي. ان موقعي تي ماهرن آبادگارن کي مشورو ڏنو ته اهي فصلن جي پوکائي کان پهريان زمين جي چڪاس ڪرائين ته جيئن بهتر اپت حاصل ڪري سگهن.