ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ مرچن جي اعليٰ ڪوالٽي ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيڻ متعلق ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ علائقي جي آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار ۾ زرعي ماھرن پاران آيل آبادگارن کي مرچن جي فصل جي اعليٰ ڪوالٽي، وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ٻجن بابت آگاھي ڏني ۽ پوکائي جا نوان طريقا متعارف ڪرايا جڏھن ته فصلن کي لڳندڙ موسمي مرضن کان بچاءُ بابت پڻ آگاھ ڪيو ويو، ڳوٺ سيد غلام حيدر شاھ ۾ ملن ايگرو سيڊ ڪپمني پاران سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ ملن ايگرو سيڊ ڪمپني جي ڊائريڪٽر خالد رشيد، ڊائريڪٽر وقاص آرائين، ڊي ايم ريحان قائمخاني، آر ايس ايم ساجد جٽ، ايريا مينيئجر عطاالله چانڊيو، امداد درس، چاڪر چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته زرعي انقلاب جي لاءِ تحقيق ڪيل اعليٰ ڪوالٽي جي ٻج جو استمعال انتھائي ضروري آھي، ملن سيڊ ڪمپني ڪيترن ئي سالن کان زراعت جي شعبي ۾ پنھنجي خدمت انجام ڏئي رھي آھي ۽ وقتن به وقتن اعليٰ ڪوالٽي جي ٻج کي ضلعي جي موسمي حالتن ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي مرچ جي اعليٰ ڪوالٽي ۽ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ھائبرڊ صنم مرچ جو ٻج رچ اسٽار، اسڪائي اسٽار 4 ۽ اسڪائي اسٽار 3 جو ٻڄ متعارف ڪرايو آھي، جنھن جو ٻين ڪمپنين جي مقابلي ۾ گذريل سال ڪافي بھتر نتيجا برآمد ٿيا آھن، ھنن چيو ته صنم مرچ جي پيداوار جي لاءِ ضروري آھي ته مقامي آبادگار جديد تحقيق کان فائدو حاصل ڪن ته جئين آبادگار پنھنجي پوکيل فصلن کي في ايڪڙ وڌ کان وڌ منافعو حاصل ڪري سگھن، ھنن آبادگارن کي مرچن جي حوالي سان تيار ڪيل زمين، سيڊ، فرٽيلائزر ۽ پيسٽيسائيڊ جي حوالي سان پڻ آگاھ ڪيو.