ٺٽو/جهمپير (نمائندن وٽان) عوامي تحريڪ پاران ٺٽي ۾ اعلانيل 17 سيپٽمبر تي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ م بوگس آدمشماري ، ڪوهستاني ۽ سامونڊي پٽي جي زمينن تي قبضن ۽ انهن جي نيلامي خلاف احتجاجي ريلي جي ڪاميابي لاءِ ٺٽي جي مختلف شهرن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺائي ريلي ۾ ڀرپور عوامي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيو آهن ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو ، مٺا خان لاشاري ، عبدالرزاق چانڊيو ، گھنور خان زئور ، شاُ محمد چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽي تعلقي جي ڪوهستاني شهرن جھمپير ۽ ان جي ڀرپاسي وارن مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيو ڪوٺائي ٺٽي ۾ 17 هين سيپٽمبر تي ٿيندڙ احتجاجي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي جڏهن ته ان موقعي تي مخلتف علائقن ۾ ٿيل ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪرڻ سان گڏ صحافين سان پڻ ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو آهي ته هڪ طرف ڌارين کي هڪ رٿابندي تحت زمينون ڏيئي آباد ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين ٻين ملڪن کي ڏني ويئي آهي.جڏهن ته حڪمرانن ملڪ ۾ معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترقي وٺرائڻ جي نالي ۾ ملڪ جا قومي ادارا ۽ زمينون ٻين ڪمپنين ۽ ملڪن کي وڪرو ڪري ملڪ کي وڌيڪ تباھي طرف ڌڪي ڇڏيو آھي.