ميھڙ(ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آھي ته زرداري ، نواز  ۽ ٻين عمران سرڪار جي خاتمي بعد سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار جو پلان جوڙيو آھي پ پ پ ڍونگ ڪري رھي آھي ھنن سنڌ جي بربادي جو منصوبو آندو گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جو ڪوئلو، کاڻيون، ڪينجھر ، ڪارونجھر جون زمينون ترقي جي نالي کسيون پيون وڃن. ھن چيو ته ھي سمورو ٽولو ھڪ آھي پي ڊي ايم ٽو جي صورت ۾ ھي ٽولو سنڌو درياهه تان 6 ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آھي اڳ جن گورک جي زمينن تي قبضو ڪيو آھي ھي زمينون مقامي ماڻھن جون آھن ، ھنن زمينن تي قبضي کان پوءِ 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بکيو مارڻ جو منصوبو آھي سنڌ جو پاڻي کڻي پنجاب جون زمينون آباد ڪيون پيو وڃن ھن چيو ته ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ تباھه تي ويندي، ڪراچي سميت سنڌ جو پاڻي اڳ ئي بند آھي ھي بربادي ۽ سنڌين جي نسل ڪشي جو منصوبو آھي ھن چيو ته سمورين قومپرستن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيون پيا 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي مزار تي ھڪ جھنڊي اندر سنڌ جي حقن خاطر گڏ ٿي گڏيل جدوجھد جو اعلان ڪيو ويندو. ان کان اڳ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو سان گڏ ٻيا پارٽي اڳواڻ غفار ميرجت، سوڍو، ابرار احمد ميھڙ ڀرسان جي ڊي اي اڳواڻ محمد قاسم خاصخيلي سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي جڏھن ته ميھڙ پھچڻ تي جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو جو ڪامريڊ انور کوکر ، طارق چانڊيو ، عباس خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن شاندار استقبال ڪيو.