اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين العابدين شاهه چيو آهي ته آصف زرداري صدارتي عهدي، صوبائي حڪومت ۽ ٻن گورنرن جي عهدي لاءِ پاڻي جو سودو ڪندو ته اهو اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آھي، سنڌ کي بنجر ڪري پنجاب کي سرسبز نه ڪريو، مستقبل ۾ سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي کوٽ سبب لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويندا، پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هميشه پاڻي جي کوٽ جو شڪار رهي آهي. پاڻي معاهدي ۾  ترميمون وفاق جي خلاف آهن، سنڌ سان ظلم ٿي رهيو آهي، طاقت ۽ بندوق جي زور تي فيصلا نٿا مڃرائي سگهجن، زين شاهه چيو ته خيرات نه انصاف گهري رهيا آهيون. معاهدي تحت جيڪو پاڻي اسان جو آهي اهو اسان کي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ايندڙ نسلن ۾ محبتن بدران نفرتون وڌي وينديون. زين شاهه چيو ته پاڻي جي معاملي تي پنجاب ۽ سنڌ ۾ هميشه تڪرار رهيو آهي ۽ 28 جولاءِ تي سنڌ تي هڪ بم اُڇلائي چيو ويو ته سنڌو درياهه تي ڇهه نوان ڪئنال ٺاهيا ويندا، گرين پاڪستان جي نالي تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي پوري سنڌ ۾ رهندڙ هارين، آبادگارن، قومپرست جماعتن ۾ ڳڻتي ۽ پريشاني واري لهر آهي، احتجاجي تحريڪ هلي رهي آهي، هن چيو ته حڪومتي انگن اکرن موجب 12  لک ايڪڙ زمين درياهه ۾ ٻڏي وئي، جڏهن ته حقيقت ۾ اها 30 لک ايڪڙ زمين آهي . هن چيو ته جيڪڏهن نوان واهه ٺاهيا ويا ته اهو پاڻي وڌيڪ گهٽجي ويندو ۽ پهرين مرحلي ۾ 35 لک ايڪڙ ۽ وڌيڪ 80 لک ايڪڙ زمين ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، جنهن سبب سنڌ بنجر ٿي ويندي.