نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه قاضي احمد روڊ تي واقع يوسي مُريد خان زرداري جي رهواسي زرداري برادري جي ماڻهن عابد زرداري، مختيار زرداري، معشوق زرداري، افسر زرداري، رحمت الله زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سندن ڳوٺ کي سالن کان سرڪاري اسڪول، بجلي، گيس، روڊ رستا ۽ سرڪاري اسپتال نه ملڻ خلاف زرداري هائوس نوابشاهه ٻاهران پر امن احتجاجي مظاهرو ڪيو، انهي موقعي تي مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان ابن ڏاڏن کان وٺي پ پ جا ووٽر رهيا آهيون ۽ اسان سدائين آصف علي زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر جي حڪم تي ووٽ ڏنو آهي پر اڄ حالت اها آهي جو اسان جي ڳوٺ ۾ ڪا به بنيادي انساني سهولت نه ڏني وئي آهي، مظاهرين ميڊيا سان جيئين ئي ڳالهه ٻولهه مڪمل ڪئي ۽ ميڊيا وارا اُتان روانا ٿيا ته اوچتو جيالا ۽ پوليس اهلڪار پر امن مظاهرين تي ڪڙڪي پيا، فائرنگ سبب سمورو علائقو دهشت جي ور چڙهي ويو پوليس اهلڪارن مظاهرين تي لاٺي چارج شروع ڪري ڏني ۽ مظاهرين تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد مذڪوره مظاهرين سميت 8 ڄڻن کي کنڀي پوليس موبائيل ۾ وجهي مختلف ٿاڻن تي لاڪپ ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ جڏهن صحافين پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي وڃي ناحق باندي بڻايل ڌر جو موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حد جو ايس ايچ او لطف الله مگسي صحافين کي متاثرين سان ملڻ نه ڏنو، نه ئي پنهنجو آفيشل موقف ميڊيا کي ٻڌايو.