اسلام آباد: اڳوڻي صدر چيو ته اتحادي حڪومت جو تجربو تمام مشڪل هو، شهباز کي ڪافي شيون چيون پر هو چوڻ نه وٺندو هو. جنهن سان ملڪ جو نقصان ٿيو. انٽرويو دوران هن وڌيڪ چيو ته 2 ارب رپين جي کنڊ پئي هئي. اها ٻاهر نه موڪلي وئي پر افغانستان اسمگل ٿي وئي. واپار واري وزارت ته اسان وٽ هئي. پر پاليسي ته ڪابينا ٺاهيندي هئي. آصف زرداري اهو به چيو ته شهباز شريف مان متاثر هيس،هو صبح جو ڇهين وڳي اٿندو هو ۽ 8 وڳي تائين ڪم ڪندو هو.