هريپور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب هريپور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت سمورن بي گناهه گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جمهوري پارٽي آهي، اختلاف ٿيندا رهندا آهن، پر پي ٽي آءِ باني جي چيل ڳالهه فائنل هوندي آهي، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز  پارٽي ملي ڀڳت ڪري سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. عمر ايوب چيوته بلوچستان جون حالتون خراب آهن، سردار اختر مينگل انصاف گهري رهيو آهي، هن چيو ته اسان تي به لاٺي چارج ڪيو ويو ۽ گوليون هلايون ويون پر اسان جمهوري طريقي سان پنهنجا حق گهريا، پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ هر سڏ تي لبيڪ چونداسين.