نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو هائوس ۾ صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر سان جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ۽ مولانا ناصر محمود سومرو جي ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻن وچ ۾ مدرسا رجسٽريشن بل جي حوالي سان ڳالھه ٻولهه پڻ ٿي، پيپلزپارٽي جي قيادت کي مولانا راشد محمود سومرو ۽ مولانا ناصر محمود سومرو پنهنجي ڀائرن مولانا طاهر محمود سومرو، مولانا طارق محمود سومرو ۽ عطاءُ الرحمان سومرو سان گڏ ڊاڪٽر شفيق سومرو جي وليمي ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني.ملاقات ۾ آصف علي زرداري مدرسن بل جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ معاملو جلد حل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو.