ٽنڊوآدم(ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آھي ته صدر زرداري جو گڏيل پارليامينٽ کي خطاب دوران تڪراري ڪئنالن جي رٿا جي مخالفت سنڌ جي عوام سان دوکو آھي، جيڪڏهن آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري چاهين ته ان رٿا تي هڪ ڪلاڪ به ڪم نٿو هلي سگهي، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر آصف زرداري 8 جولاءِ تي سنڌ جي بربادي جو فيصلو ڪيو ۽ هاڻي وري پارليامينٽ ۾ خطاب دوران حڪومت کي منصوبو ختم ڪرڻ جي گذارش پيو ڪري، هن چيو ته جيستائين وفاقي سرڪار پاران تڪراري ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو ان وقت تائين تحريڪ جاري رهندي، هن چيو ته 14 مارچ تي دنيا ۾ دريائن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آھي اسان ان ڏينهن کي سنڌو درياءَ بچايو ڏينهن طور ملهائينداسين، 14 مارچ تي المنظر ڄامشورو ۾ گڏ ٿي ڀيٽا پيش ڪنداسين.